سياستدان ئي ملڪ ۽ قوم جي تقدير بدلائيندا آهن: خورشيد شاهه

سکر (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌُر جي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته سياستدان ئي ملڪ ۽ قوم جي تقدير بدلائيندا آهن ۽ ادارا ٺاهيندا آهن، جنهن جو عظيم مثال شهيد ذوالفقار علي ڀٽو چئن سالن ۾ 7 ميڊيڪل ڪاليجز ٺاهي پيش ڪيو، جڏهن ته ان کان اڳ پاڪستان ۾ رُڳو 4 ميڊيڪل ڪاليج قائم هئا، شهيد ڀٽو ماڻهن ۾ هڪ نئين تعميري سوچ پيدا ڪئي ۽ يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن جوڙي تعليم جي ميدان ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو ته جيئن اسانجي ملڪ جا نوجوانپرڏيهه وڃي جديد تعليمي ۽ تعميري سوچ کڻي واپس اچن ۽ پنهنجي ملڪ اندر قومي ترقي لاءِ نيون راهون کولي سگهن. اهڙن خيالن جو اظهار هُن غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج سکر ۾ ڪاليج کي ڪوسٽر فراهم ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اسانجي ٻهراڙي جي علائقن ۾ صحت جون سهولتون نه هئڻ برابر آهن، ڊاڪٽرن جي سخت اڻاٺ آهي اسانجي ڪوشش آهي ته صحت جي نظام کي بهتر ڪرڻ سان گڏوگڏ ماءُ جي صحت ۽ نوجوانن کي صحتمند بڻايون ته جيئن صحتمند سماج جوڙي سگهجي، اسان ماڻهن جي مسئلن کي پنهنجو مسئلو سمجهون ٿا جنهن جي حل لاءِ سموريون ڪوششون ورتيون وينديون. هن چيو ته ڊاڪٽري پيشو عظيم پيشو آهي ڇاڪاڻ جو اهو انساني صحت کي محفوظ بڻائي ٿو. سيد خورشيد احمد شاهه ٻڌايو ته غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج سکر ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ 250 ملين رُپيا هلندڙ سال ۾ منظور ٿي چڪا آهن ۽ 2015ع ۾ گرلز هاسٽل جي تعمير لاءِ 500 ملين رُپيا جاري ٿيڻا آهن. اِن کان اڳ بينظيرڀٽو شهيد يونيورسٽي لاڙڪاڻو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اصغر چنه خطاب ڪندي ٻڌايو ته سيد خورشيد احمد شاهه جي ايم اين اي فنڊن مان 3 ڪوسٽر سکر ڪاليج کي فراهم ڪيا ويا آهن ۽ ٽيچنگ اسپتال سکر ۾ ٿيليسيميا ۾ مبتلا ٻارڙن لاءِ بلڊ بينڪ ۽ پيٿالاجيڪل ليبارٽري کي بهتر ڪيو پيو وڃي. ان موقعي تي ايم اين اي سيد خورشيد احمد شاهه غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپال ابرار شيخ کي ڪوسٽرن جون چاٻيون فراهم ڪيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *