سياستدان ن تي ڪرپشن ۽ غداري جا الزام پيا لڳن، چونڊن ۾ دير جو ذميوار زرداري هوندو: ن ليگ

جاتي امرا(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي قيادت لاءِ هي وقت فڪر جو آهي، چونڊون وقت تي نه ٿيون ته ذميوار آصف زرداري هوندو. اسان جو آندل قانون ئي ڀٽي جو قانون آهي. جاتي امرا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سعد رفيق چيو ته عمران خان قابل رحم شخص آهي، آئيني ترميم جي منظوري رد ٿي ذميواري آصف زرداري تي هوندي ۽ جيڪڏهن چونڊون بر وقت نه ٿيون تڏهن به ذميوار زرداري ئي هوندو، الزام نيا ناهن رڳو رانديگر نوان هوندا آهن. هن چيو ته سياسي پارٽي جي قيات ڪير ڪندو اهو فيصلو سياسي ڪارڪن ئي ڪندا آهن، اسان جيڪو قانون آندو آهي اهو ئي ڀٽي جو قانون آهي. سياستدانن تي ڪرپشن ۽ غداري جا الزما لڳايا پيا وڃن، عمران خان رڳو پروپيگنڊا ۽ گاريون ڏيندو ٿو وتي ۽ جيڪڏهن اقتدار لاءِ عمران خان کي شطان سان اتحاد به ڪرڻو پيو ته هو ڪندو.اسان ٻين پارٽين کي به آواز ڏيندا رهنداسين ۽ آئيني ترميم ۾ اسان جو نه سموريي پارٽين جو مفاد آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *