سونم ڪپور رنبيرڪپور جي ڪنوار ٿيڻ لاءِ راضي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ۾ ڪيريئر جي گڏ شروعات ڪندڙ رنبير ۽ سونم ڪپور هڪ ڀيرو ٻيهر گڏ ڪم ڪندا ۽ سونم ڪپور رنڀير ڪپور جي ڪنوار بڻبي. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب ادڪارا سنجي دت جي زندگي تي ٺهندڙ فلم لاءِ هدايتڪار راج ڪمار رنڀير ڪپور کي ته ڪجهه وقت پهرين ڪاسٽ ڪيو هو. جڏهن ته ڪيتري وقت کان اداڪارا کي ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ سوچيو پئي ويو. پر هاڻي فلم ۾ ادڪارا سونم ڪپور پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندي. ياد رهي ته اداڪار جي زندگي تي ٺهندڙ فلم جي ڪهاڻي هدايتڪار راج ڪمار ۽ اسڪرپٽ رائيٽر اڀيجيت جوشي لکي آهي. جنهن جي شوٽنگ جو آغاز تمام جلد ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *