سوناڪشي سنها انسٽاگرام تي پنهنجي ”ڊب سميش“ وڊيو ۾ ”آنٽين“ کي ”ڪَرڪُ“ جواب ڏئي ڇڏيو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي دبنگ اداڪارا سوناڪشي سنها اڄ ڪلهه فلمن سان گڏوگڏ ”ڊب سميش“ ايپليڪيشن تي به پنهنجي اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاري رهي آهي. ان کان اڳ به هو پنهنجي مختلف ”ڊب سميش“ وڊيوز وسيلي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ انسٽا گرام تي شيئر ڪري چڪي آهي، جن وڊيو کي تمام گھڻو پسند ڪيو ويو آهي. پر هِن ڀيري سوناڪشي سنها انسٽاگرام تي پنهنجي ”ڊب سميش“ وڊيو ۾ اُنهن ”آنٽين“ کي ”ڪَرڪُ“ جواب ڏنو آهي، جيڪي شادين ۾ ماڻهن کان لاڳيتو ڊانس ڪرڻ لاءِ اصرار ڪنديون آهن. اهڙين ئي ”آنٽين“ جي لاءِ سوناڪشي سنها ڀارتي بگ بي اميتاڀ ۽ گووندا جي فلم ”بڙي ميان چهوٽي ميان“ جي هڪ مشهور ڊائلاگ تي ڊب سميش وڊيو پنهنجي چاهيدڙن لاءِ شيئر ڪئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *