سوناڪشي سنا جي فلم نور 21 اپريل تي سئنيما گهرن جي زينت بڻجندي

ممبئي (شوبز نيوز)بالي ووڊ جي دبنگ گرل سوناڪشي سنا جلد پنهنجي مداحن کي صحافي جي روپ ۾ نظر ايندي پاڪستاني ليکڪ صبا امتياز جي مشهور ناول ڪراچي يو آر ڪلنگ مي تي ٻڌل بالي ووڊ جي نئين فلم نور جو آفيشل ٽريلر گذريل ڏينهن جاري ڪيو ويو 2014 ۾ شايع ٿيندڙ ناول ڪراچي يو آر ڪل مي جي ڪهاڻي هڪ عورت صحافي تي ٻڌل آهي سنيل سٽي جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ ڊرامو فلم نور ۾ سوناڪشي سنا نور نالي صحافين جو مک ڪردار ادا ڪندي. جڏهن ته وڌيڪ ڪاسٽ ۾ فورب ڪوهلي ڪانان شيباني ۽ ٻيا شامل آهن. ياد رهي ته نئين ايندڙ فلم نور هلندڙ سال 21 اپريل تي نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *