سول ۽ عسڪري ادارن جي گڏ هلڻ سان 70 سالن جو پرڏيهي پاليسي جو مهور تبديل، ڪرتارپور لنگهه ان جو هڪ مظهر آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد حسين چيو آهي ته سول ۽ عسڪري ادارن جي گڏجي هلڻ سان 70 سالن جي پرڏيهي پاليسي جو مهور تبديل ٿي ويو آهي، ڪارتارپور بارڊر ان جو هڪ مظهر آهي، چين پاڪستان اقتصادي لنگهه عظيم معاشي منصوبو آهي، ڪشمير سميت ٻيا تڪرار حل ڪرڻ لاءِ ڀارت سان ڳالهيون ئي اڳتي وڌڻ جو رستو آهي، اميد آهي ته ايندڙ چونڊن کانپوءِ ڀارت پاڪستان جي ڳالهين جي آڇ تي غور ڪندو، پاڪستان سميت دنيا جي مشهور يونيورسٽين مان شاگردن کي حڪومت انٽرنشپ جا موقعا فراهم ڪندي، وزيراعظم جي اڳواڻي ۾ موجوده حڪومت ملڪ جي معيشت بحال ڪرڻ لاءِ خاص ڌيان ڏئي رهي آهي، افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پاڪستان ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي، تشدد ۽ نفرت پکيڙيندڙ ميڊيا جي ذريعن کي ريگيوليٽ ڪرڻ لاءِ عالمي سطح تي نظام جي تياري جي ضرورت آهي، خميس تي چوڌري فواد حسين آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ قومي، علائقائي ۽ پرڏيهي اهم معاملن تي ليڪچر ڏنو، ليڪچر جو احتمام آڪسفورڊ ڏکڻ ايشيا سوسائٽي ۽ آڪسفورڊ پاڪستان سوسائٽي ڪيو هو، مختلف عنوانن ۾ تعليم هيٺ شاگردن جو وڏو انگ ليڪچر ۾ شريڪ ٿيو، هن چيو ته آڪسفورڊ يونيورسٽي جي دوري جو مقصد وزيراعظم عمران خان جي سوچ موجب شاگردن ۽ تعليمي ادارن سان رابطا قائم ڪرڻ آهي، سڌ سماءَ جي وزير اهم قومي ۽ علائقائي معاملن تي اڳڀرائپ بابت تاريخي جائزو پيش ڪيو، هن چيو ته علائقائي تڪرارن جا اثر پاڪستان جي معيشت ۽ سماجي زندگي تي پيا، ان جي باوجود پاڪستان غير معمولي مزاحمت ڪندي پنهنجو پاڻ کي برقرار رکيو آهي. فواد چوڌري چيو ته پاڪستان کي پنهنجي تجارتي خساري تي ضابطو آڻڻو پوندو، اهو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ملڪ ۾ خاص اقتصادي زون جوڙي حڪومت صنعتي ترقي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، وفاقي وزير شاگردن جي سي پيڪ بابت اولهه ميڊيا ۾ موجود ناڪاري تاثر کي زائل ڪيو ۽ ڪيترن ئي عنوانن تي شاگردن جي سوالن جا جواب ڏنا. هن چيو ته آمريڪا گڏيل عرب امارات، سعودي عرب سميت ٻين ملڪن جي وڏين ڪمپنين پاڪستان جي معيشت جي مختلف شعبن ۾ اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري ۾ دلچسپي ڏيکاري آهي، ڪرپشن جي پاڙ پٽڻ ۽ مني لانڊرنگ ختم ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ ميڊيا مڪمل آزاد آهي، موجوده حڪومت رياستي ميڊيا مان به سينسرشپ ختم ڪري ڇڏي آهي، هن چيو ته تشدد ۽ نفرت پکيڙيندڙ ميڊيا ذريعن کي ريگيوليٽ ڪرڻ لاءِ عالمي سطح تي نظام تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته حڪومت ملڪ کان ٻاهر رهندڙ پاڪستانين جي معاشي ۽ سياسي معاملن ۾ شرڪت وڌائڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، هن چيو ته ملڪ کان ٻاهر رهندڙ پاڪستانين جي مختلف شعبن ۾ مهارت ۽ تجربن مان فائدو حاصل ڪنداسين، ان موقعي تي شاگردن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت جي ملڪ کان ٻاهر رهندڙ پاڪستانين ۾ مقبوليت جو هڪ سبب ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ان جو عزم آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *