سوات ۾ امن فوج ۽ علائقي واسين جي قربانين سبب ٿيو آهي:جنر راحيل شريف

راولپنڊي (اين اين آءِ) آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز سوات ۾ پائيدار امن جي قيام ۽ وادي جي سڪيورٽي لاءِ پنهنجو ٺوس ڪردار ادا ڪندي رهندي، سوات ۾ ڪنٽونمينٽ جو قيام دهشتگردن جي خاتمي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو اعتماد وڌائڻ سان گڏ علائقي ۾ پائيدار امن لاءِ هرقسم جي خطرن سان منهن ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جمعي تي سوات جي علائقن مينگورا، ڪانجوا ۽ خوازا خيلا جو دورو ڪيو، دوري دوران آرمي چيف ڪي پي ڪي جي گورنر ۽ وڏي وزير سان سوات ڪنٽونمينٽ جي پيڙه جو پٿر رکيو، خطي ۾ پائيدار امن لاءِ مقامي ماڻهن جي مطالبن تي 8 سيپٽمبر 2015 تي سوات ڪنٽومينٽ جي منظوري ڏني وئي هئي، آرمي چيف خطاب ڪندي سوات جي عوام کي دهشتگردن کي وادي مان هميشه لاءِ ڪڍي ٻاهر ڪرڻ لاءِ سيڪيورٽي فورسز سان بيهڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو، سوات جي عوام کي ان تاريخي ڏينهن جي موقعي تي مبارڪ ڏيندي آرمي چيف چيو ته سيڪيورٽي فورسز سوات ۾ پائيدار امن جي قيام ۽ وادي جي سيڪيورٽي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي.  سوات ۾ امن فوج ۽ هتان جي عوام جي قربانين سبب قائم ٿيو آهي. علائقي ۾ فوجي ڇانوڻي جو قائم ٿيڻ سان ترقي جو نئون دور شروع ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *