سوات جي ٻي بهادر عورت عالمي ايوارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو

نيويارڪ (م.ڊ) نوبل انعام حاصل ڪندڙ ملالا کانپوءِ سوات جي عورت تبسم عدنان عالمي حوصلا مند عورت جو ايوارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو، گڏيل قومن مان جاري پريس رليز مطابق سوات جي هڪ ٻي عورت تبسم عدنان کي گڏيل قومن طرفان عالمي حوصلا مند عورت جو ايوارڊ ڏنو ويو آهي تبسم عدنان سوات ۾  عورتن جي حقن ۽ انهن کي پيش ايندڙ مسئلن تي نه صرف پنهنجو آواز اٿاريو پر هن ”خوينڊو جرڳي“ جو به بنياد وڌو جنهن جو مقصد عورتن جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ اهڙين مهم کي هلائڻو آهي جن سان عورتن کي پنهنجي حفاظت جي حوالي سان آگاهي ملي سگهي. تبسم جي جدوجهد کي ڏسندي گڏيل قومن ان کي حوصلا مند عورت جي عالمي ايوارڊ سان نوازيو جڏهن ته حوصلا مند عورت جو عالمي ايوارڊ هينئر تائين پوري دنيا جي 50 ملڪن ۾ 86 سرگرم عورتن کي ڏنو ويو آهي جنهن امن، انصاف، انساني حقن، عورتن ۽ اختيارن  تي ڪم ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *