سوئٽزرلينڊ ۾ ڀارتي اداڪار رنوير سنگهه جي نالي سان خاص ٽرين هلندي

 

ممبئي(شوبز نيوز) هونئن ته انهن ڏينهن ۾ بالي ووڊ جي علائو الدين خلجي رنوير سنگهه جي شادي جون افواهون جاري آهن، جنهن بابت اطلاع آهن ته سندس شادي هلندڙ سال سيپٽمبر يا ڊسمبر ۾ ٿيندي.شادي جون افواهون پنهنجي جاءِ تي پر هنن ڏينهن ۾ رنوير سنگهه پنهنجي ايندڙ فلم گلي بواءِ جي شوٽنگ مڪمل ڪرڻ کانپوءِ موڪلون ملهائڻ لاءِ سوئٽزرلينڊ ۾ موجود آهي، جتي ان کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.جي ها، يورپي ملڪ سوئٽزلينڊ ۾ پهريون ڀيرو رنوير سنگهه جي نالي سان خاص ٽرين سروس جي شروعات ٿيڻ وڃي پئي.ڀارتي خابرو اداري موجب رنوير سنگهه جيڪو سوئٽزرلينڊ جي ثقافت کاتي جو سفير آهي، ان جي اعزاز لاءِ اتي ان جي نالس ان لاڳاپيل خاص ٽرين سروس شروع ڪئي پئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *