سنگين غداري ڪيس: پرويز مشرف کي ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏيئي حڪومت خود سهولتڪار بڻي: خاص عدالت

اسلام آباد (اين اين آءِ) پرويز مشرف خلاف سنگين غداري ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ خاص عدالت ريمارڪس ڏنا ته پرويز مشرف کي ٻاهرين ملڪ وڃڻ جي اجازت ڏيئي حڪومت پاڻ سهولتڪار بڻي جڏهن ته پرويز مشرف بيان رڪارڊ ڪرائي ٻيهر به ٻاهر وڃي سگهي ٿو اـاري تي جسٽس مظهرعالم ميان خيل جي سربراهي ۾ خاص عدالت ۾ پرويز مشرف جي خلاف سنگين غداري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ٻڌڻي دوران جوائنٽ گهرو سيڪريٽري مبارڪ علي گهرو سيڪريٽري پاران لکت ۾ جواب جمع ڪرايو عدالت مبارڪ علي کان پڇاڻو ڪيو ته گهرو سيڪريٽري کي گهرايو هو هو پاڻ ڇو نه يو مبارڪ علي جواب ڏنو ته هو موڪل تي آهي خاص عدالت گهرو سيڪريٽري پاران جمع ڪرايل جواب رد ڪري ڇڏيو جسٽس مظهرعلي ميان خيل گهرو سيڪريٽري جي رويي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ريمارڪس ڏنا ته هي ڪوئي طريقو نه آهي جيڪو گهرو سيڪريٽري اختيار ڪيو آهي گهرو سيڪريٽري خود شڪايت ڪندڙ آهي سندس هي رويو سمجهه کان باهر آهي هي اهڙو ڪيس نه آهي جو گهرو سيڪريتري سيڪشن آفيسر ذريعي جواب جمع ڪرائي جسٽس مظهرعالم ميان خيل وڪيل استغاثا اڪرم شيخ کان سوال ڪيو ته پرويز مشرف جي ٻاهرين ملڪ وڃڻ تي گهرو سيڪريٽري کي ذميوار قرار ڏيئي سگهجي ٿو جنهن تي اڪرم شيخ چيو ته عدالت 31 مارچ تي پرويز مشرف کي زاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو هو پرويز مشرف جي خاص عدالت ۾ طلب ڪرڻ سان نه صرف جوابدار پر وفاق کي به علم هو گهرو سيڪريٽري سمجهيو ته خاص عدالت پرويز مشرف جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جو ناهي چيو پرويز مشرف جو اسڪائپ يا وڊيو لنڪ تي بيان وٺي سگهجي وڪيل استغاثا جي دليل تي جسٽس مظهر عالم ميان خيل ريمارڪس ڏنا ته دهشتگردي ٽوڙ ڪيس ۾ شاهدن جا بيان وڊيو لنڪ تي وٺي سگهجن ٿا هتي پرويز مشرف شاهد نه آهي پر جوابدار آهي ٻڌني دوران پرويز مشرف جي وڪيل احمد رضا قصوري چيو ته پرويز مشرف جي ٻاهرين ملڪ وڃڻ جو ذميوار خود گهرو وزارت اهي 31 مارچ 2016 تي عدالت پرويز مشرف کي حاضري کان استثنيٰ ڏيئي چڪي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *