سنڌ ۾ 60 لک شاگرد تعليم کان محروم آهن: مراد علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته صوبي ۾ 60 لک کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن. تعليمي ادارن ۾ شاگردن جي داخلائن لاءِ ڀرپور  قدم کنيا پيا وڃن. تعليم جي مسئلن تي ڪوٺايل سيمينار کي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته تعليم جي معيار کي ڏسي صوبي ۾ تعليمي  ايمرجنسي لاڳو  ڪئي وئي آهي. تعليم جي بهتري لاءِ تعليم کاتي جي وزير کي مڪمل اختيار ڏنل آهن. هن وڌيڪ چيو ته هر ٻار کي تعليم ڏيڻ اسان جو فرض آهي. سنڌ حڪومت هن مسئلي کي حل ڪرڻ پهرين ترجيح سمجهي ٿي. هن چيو ته هر ٻار کي تعليم ڏيڻ لاءِ بجيٽ جو وڏو حصو تعليم لاءِ رکيو ويو آهي. ۽ هر اسڪول ۾ تعليم جي معيار کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ورتيون پيو وڃن. ٻي طرف  وزيراعليٰ  سنڌ جي صدارت هيٺ صوبي ۾ تعليم جي بهتري لاءِ  اجلاس ٿيو، جنهن ۾ تعليم کي بهتر ڪرڻ لاءِ غور ڪيو ويو، اجلاس ۾ تعليم کاتي جي وزير ڄام مهتاب ڏهر، سيڪريٽري فضل الله پيچوهي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي تعليم کي بهتر ڪرڻ لاءِ بحث ڪيو ويو، صوبائي وزير اجلاس ۾ چيو ته تعليم لاءِ سنجيده آهيون، 5 سال پروگرام جا 2 سال گذري ويا آهن. تعليم کاتي جي بهتري لاءِ عملي سهڪار جاري آهي. ڄام مهتاب ڏهر چيو ته ملازمن ۽ استادن تي نظر رکڻ لاءِ 200 کان وڌيڪ مانيٽرنگ اسسٽنٽ مقرر ڪيا ويا آهن. جڏهن ته قديم اسڪولن جي عمارتن جو مرمتي ڪم پڻ جاري آهي. سيڪريٽري تعليم فضل الله پيچوهو چيو ته سرڪاري اسڪولن ۾ شاگردن جي داخلائن لاءِ  هر ممڪن قدم کنيو پيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *