سنڌ ۾ 216 ارب جي مالي ڪرپشن جو انڪشاف:آڊٽ رپورٽ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي 8 سالن جي اقتدار واري دور ۾ سڀني سرڪاري کاتن ۾ 216 ارب رپين جي مالي بي ضابطگين جو انڪشاف اڳيان آيو آهي. ذريعن مطابق آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي رپورٽ مطابق پيپلز پارٽي جي گذريل حڪومت واري دور ۾ سنڌ جي سڀني سرڪاري کاتن ۾ گڏيل طور تي 216 ارب رپين جون گهوٻيون ٿيون.رپورٽ مطابق سنڌ جي سڀني سرڪاري کاتن ۾ 8 سالن جي دوران 2 کرب 16 ارب 216 رپين جون گهوٻيون ڪيون ويون ۽ رڳو تعليم کاتي ۾ قومي خزاني کي هڪ ارب 44 ڪروڙ رپين جو نقصان پهچايو ويو. آڊٽ رپورٽ مطابق مالي سال 2009-8 ۾ قومي ناڻي کي 32 ارب رپين جو لوڏو هنيو ويو،جڏهن ته مالي سال 2010-11 ۾ مختلف کاتن ۾ 15 ارب رپين جو گهوٻيون ڪيون ويون،مالي سال 2012-13 ۾ 58 ارب رپين جون گهوٻيون اڳيان آيون.مالي سال 2013-14 ۾ سنڌ حڪومت قومي ناڻي کي 15 ارب رپين جو لوڏو ڏنو ۽ سڀ کان وڌيڪ گهوٻيون ۽ ڪرپشن مالي سال 2014-15 ۾ ڏٺو ويو،جنهن  دوران سرڪاري کاتن ۾ 129 ارب رپين جي ڪرپشن ڪئي وئي.رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ورلڊ بينڪ جي پراجيڪٽ جي نالي تي سنڌ حڪومت پاران اربين رپين جي ڪرپشن ڪئي وئي،جنهن جي ڪري ورلڊ بينڪ تعليمي ادارن ۽ تعليمي صورتحال جي بهتري لاءِ شروع ڪيل رٿائون به بند ڪري ڇڏيون ۽ ورلڊ بينڪ سنڌ کي هڪ ارب 29 ڪروڙ رپيا تعليمي امداد ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ 18 هزار اسڪول در درين ڀتين کان محروم آهن،جڏهن ته شاگردن کي مفت ڪتاب ۽ نه وري اسڪول کي فنڊز مليا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *