سنڌ ۾ 21 خدمتن تي ٽيڪس وصول ڪيو وڃي ٿو: سڪندر مينڌرو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ 20 کان وڌيڪ ليبر قانونن جو جائزو ورتو پيو وڃي ته جيئن 18 آئيني ترميم کان پوءِ انهن قانونن جي سنڌ اسيمبلي مان منظوري وٺي سگهجي اها ڳالهه جمعي جي ڏينهن صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو سنڌ اسيمبلي ۾ سوالن واري وقفي دوران ٻڌائي سوالن واري وقفي پورهيي کاتي ۽ بورڊ آف روينيو بابت هئي وڏي وزير جي پاران ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو ڪيترن ئي ميمبرن جي تحريري ۽ ضمني سوالن جا جواب ڏنا هن ٻڌايو ته سنڌ ۾ 21 خدمتن تي ٽيڪس وصول ڪيو ويندو آهي ۽ 2011 کان 2014 تائين سيلز ٽيڪس جي وصولي جو جيڪو هدف مقرر ڪيو ويو هو ان کان وڌيڪ وصوليون ٿيون سنڌ جي وڏي وزير هڪ سوال جي تحريري جواب ۾ ٻڌايو آهي ته 18 آئيني ترميم کان پوءِ ليبر جو معاملو صوبن جي حوالي ڪيو ويو آهي ليبر قانونن جي حوالي سان قانون سازي ڪئي پئي وڃي انهن قانونن جو جائزو وٺڻ لاءِ مالڪن ۽ پورهيتن ۽ سنڌ حڪومت جي نمائندن تي مشتمل ڪميٽي جوڙي وئي آهي قانونن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ ڪنسلٽنٽ به مقرر ڪيو ويو آهي انهن قانونن ۾ فيڪٽريز ايڪٽ ،جبرد مشقت جي خاتمي جو ايڪٽ گهٽ ۾ گهٽ اجرت جو آرڊيننس سميت ٻيا قانون شامل آهن وڏي وزير ٻڌايو ته ستين اين ايف سي ايوارڊ جي روشني ۾ خدمتن تي سيلز ٽيڪس جي وصولي جي لاءِ سنڌ روينيو بورڊ جوڙيو ويو هو ان جي چيئرمين ، ميمبرن ڪنسلٽنٽس، ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن سميت 145 آفيسر ۽ ملازم آهن انهن جون ڀرتيون ضرورت ۽ ميرٽ جي بنياد تي ڪيون ويون هن ٻڌايو ته سنڌ ورڪرز ويلفيئر بورڊ پورهيتن جي رهائش جي لاءِ 6 اسڪيمن تي ڪم ڪري رهيو آهي ان کان علاوه 7 وڌيڪ اسڪيمون تيار ڪيون ويون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *