سنڌ ۾ گورنر راڄ جو ڪو به امڪان ناهي: قائم علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي وقتي چيف جسٽس آنجهاني راناڀڳوانداس کي خراع عقيدت پيش ڪندي چيو ته رانا ڀڳوانداس جا انصاف تي ٻڌل فيصلن کيس عدليه ۾ اعليٰ مقام ڏنو، هن شهرت لاءِ ڪڏهن به عدليه کي هٿيار نه بڻايو، قائم علي شاهه اربع تي اڳوڻي چيف راناڀڳوانداس جي رهائشگاهه تي سندس پٽ ۽ ٻين گهر ڀاتين سان افسوس جو اظهار ڪيو، قائم علي شاهه چيو ته رانا ڀڳوانداس جي وفاق عدليه لاءِ نقصان آهي، راناڀڳوانداس محروم ۽ مظلوم طبقي کي انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪئي جيڪا فراموش نٿي ڪري سگهجي، عدليه سندس خدمتون ياد رهنديون، هڪ سوال جي جواب وڏي وزير سنڌ ۾ گورنر راڄ جو ڪو به امڪان نه آهي، نبيل گبول ٻيون جون ڳالهيون ڪرڻ بدران پاڻ بابت ڪجهه چپ چوري، هن چيو ته گذريل 5 سالن کان عوام جي خدمت ڪئي ۽ آئينده به ڪنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *