سنڌ ۾ گورنر راڄ جو ڪوبه امڪان ناهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اطلاعات ۽ بلديات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته هاڻ بلديات کاتي سميت سمورن ادارن مان ڪرپشن جو خاتمو ڪري ئي ساهه پٽينداسين. پهرين اپريل کانپوءِ گوسڙو ملازمن جو باب هميشه جي لاءِ ختم ٿي ويندو، جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ ملازمن جي حاضري کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان بائيو ميٽرڪ سسٽم ادارن ۾ لاڳو ڪيو ويندو. سڄي صوبي ۾ سمورن ٽائونن جي ميونسپل ايڊمنسٽريٽرن، ڪراچي جي سڀني ڊي ايم سيز جي ايڊمنسٽريٽرن ۽ ڪي ايم سي پهرين مارچ کان پنهنجي سمورن خرچن، پگهارن جي حسابن ۽ ٻين خرچن جا مڪمل تفصيل ويب سائيڊ تي ظاهر ڪيا ويندا. شهر مان غيرقانوني اڏاوتون، سرڪاري زمينن تي قائم شادي هالن ۽ ٻين قبضن جي خاتمي جي شروعات ڪئي وئي آهي.  عوام کي شعور بابت آگاهي جي ڪامياب مهم جي ضامن آهي ۽ ان سلسلي ۾ سول سوسائٽي ۽ ميڊيا پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن آچر تي ”صاف سرسبز سنڌ، پر امن سنڌ“مهم جي سلسلي ۾ ضلعي ۽ تعلقي ۾ فتح باغ ۾لڳايل گلن جي نمائش جي افتتاح، اتي روڊن جي ٻنهي پاسن کان فٽ پاٿ تي رنگ ۽ نالن جي صفائي جي حوالي سان ڪيل ڪوششن جو جائزو وٺڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.ان موقعي تي صوبائي وزير فتح باغ جي بلڪل سامهون هاڪي ڪلب جي زمين تي قائم غيرقانوني ”ارينه شادي هال“ کي به سيل ڪرايو ۽ لاڳاپيل سمورن آفيسرن کي هدايتون جاري ڪيون ته ڊسٽرڪٽ سينٽرل ۾ قائم سمورن غيرقانوني شادي هالن ۽ ٻين اڏاوتن جو فوري خاتمو ڪيو وڃي ۽ کين ان بابت مڪمل رپورٽ پيش ڪئي وڃي. ان موقعي تي صوبائي وزير مڪيش چاولا، ميٽروپوليٽن ڪمشنر مسعود عالم، ڊي سي سينٽرل، ايڊمنسٽريٽر ۽ ميونسپل ڪمشنر سينٽرل ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر به موجود هئا. شرجيل ميمڻ چيو ته اسان سڄي صوبي ۾ وڻڪاري مهم جي پهرين مرحلي ۾ 6 لک ٻوٽا پوکڻ جو ٽاسڪ ڏنو هو ۽ الحمد الله گذريل 6 ڏينهن کان اسان جي اها مهم ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ زور ۽ شور سان جاري آهي. هن چيو ته اها مهم مستقل جاري رهندي. هن چيو ته ان مهم کان پهرين مون ڪيترائي ڀيرا آفيسرن کي صوبي ۾ صفائي سٿرائي جي حوالي سان هدايتون ڪيون ۽ ڪيترائي ڀيرا ٽاسڪ ڏنو پر بيورو ڪريسي ان تي سنجيدگي جو مظاهرو نه ڪيو. ان کانپوءِ مون پاڻ ان ڪم جو ٺيڪو کنيو آهي ۽ ان ڏينهن کان پاڻ روزانو صبح کان رات تائين مختلف علائقن ۾ وڃي پاڻ ٻُهارو ڏيندو آهيان ۽ ديوارن جي وال چاڪنگ به مٽائيندو آهيان. هن چيو ته اهو منهنجو يا آفيسرن جو ڪم ناهي بلڪه انهن ملازمن جو ڪم آهي جيڪي ڪروڙين رپين جون پگهارون کڻي رهيا آهن ۽ هاڻ جڏهن انهن تي سختي ڪئي وئي آهي ته نه صرف اهي ملازم به ڪمن تي لهي آيا آهن بلڪه پاڻ عوام به محسوس ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ته صفائي سٿرائي جو ڪم ٿي رهيو آهي. شرجيل ميمڻ چيو ته ڪرپشن سرڪاري ادارن ۾ به آهي  ۽ نجي ادارن ۾ به آهي ۽ سرڪاري ادارن مان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ سنڌ حڪومت ڪوششون ڪري رهي آهي. هن چيو ته مان صوبي جي سمورن ٽي ايم ايز ۽ ڪراچي جي سمورن ڊي ايم سيز ۽ ڪي ايم سي کي به هدايتون ڏنيون آهن ته هو پهرين مارچ کان ٿيندڙ سمورن خرچن ايتري تائين پگهارن جي ادائيگي، ترقياتي  ڪمن جو   مڪمل تفصيل ۽ بلن  جي  اسڪين ٿيل ڪاپي به ويب سائيڊ تي رکي وڃي ته جيئن صرف ڪراچي يا صوبي سنڌ جي عوام ئي نه بلڪ ملڪ ۽ ٻاهر جي ملڪن ۾ موجود پاڪسانين کي به آگاهي ٿي سگهي ته ان جي ٽيڪس جي رقم ڪنهن ڪنهن مد ۾ ۽ ڪٿي ڪٿي خرچ ٿي رهي آهي. شرجيل ميمڻ چيو ته هاڻ سمورن ملازمن کي ڪم جي عادت وجهڻ گهرجي ڇو ته هاڻ ڪوبه گوسڙو ملازم يا ڪم چور ملازم سرڪاري پگهار نه کڻي سگهندو. هن چيو ته پهرين اپريل کان بلديات کاتي جي صوبي جي سمورن ملازمن کي پگهارون سنڌ بئنڪ جي معرفت سندن بائيو ميٽرڪ ۽ فزيڪل موجودگي ۾ کلندڙ اڪائونٽس مان ادا ڪئي ويندي ۽ جنهن کان پوءِ اميد آهي ته وڏي پيماني تي گوسڙو ملازمن کان اسان کي نجات ملي ويندي. هن چيو ته ٻي مرحلي ۾ ملازمن جي حاضري کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورن کاتن ۾ بائيو ميٽرڪ حاضري سسٽم کي متعارف ڪرايو پيو وڃي، جنهن جي ذريعي ملازمن کي پنهنجي آفيس ۾ صبح ۽ شام ٻنهي وقت ۾ پنهنجو آڱوٺو لڳائي ثابت ڪرڻو پوندو ته هو پنهنجي ڊيوٽي تي موجود آهن ۽ جيڪڏهن ايئن نه ڪيو ويو ته ان جي پگهار روڪي ويندي. ان موقعي تي هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان وٽ مسئلا تمام گهڻا آهن. شهر جي ماسٽر پلان جي برعڪس اڏاوت ڪئي وئي آهي، جڳهه جڳهه تي قبضن ۽ خاص ڪري برساتي نالن تي سالن کان قبضن اسان لاءِ مشڪلاتون ڪيترائي ڀيرا وڌائي ڇڏيون آهن. هن چيو ته صرف گجر نالي اندر 2 لک کان وڌيڪ آبادي رهائش پذير آهي، جڏهن ته ڪيترن نالن تي سرڪاري آفيسون به قائم ڪيون ويون آهن. هن چيو ته شهر جو انفرااسٽرڪچر تباهه ڪيو ويو آهي ۽ اسان هن شهر ۾ جئين ماسٽر پلان ۽ ان جي انفرااسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪوشان آهيون. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان جي هي مهم ان وقت تائين مڪمل ڪامياب نٿي ٿي سگهي جيستائين عوام ان ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا نه ڪندو. هن چيو ته عوام جهڙي طرح پنهنجن گهرن کي صاف سٿرو رکي ٿو اهڙي طرح انهن کي پنهنجن گهٽين ۽ پاڙن کي به صاف سٿرو رکڻو پوندو ۽ ان ڳالهه جو شعور اجاگر ڪرڻو پوندو ته ڪچري کي ان جي مقرر ڪيل جاءِ تي اڇلايو وڃي. هن چيو ته اسان بل بورڊز جي خاتمي جي مهم شروع ڪري ڇڏي آهي ان لاءِ ٻه ڪمپنيون جيڪي پنهنجو برانڊ جي پلبسٽي چاهين ٿيون اهي ننڍا ننڍا ڪچري دان ٺهرائين ۽ انهن کي مختلف هنڌن تي لڳرائين، جنهن سان عوام کي ڪچرو هڪ هنڌ اڇلڻ ۾ آساني ٿيندي ته ٻي طرف انهن ڪمپنين کي به پنهنجي برانڊ کي مشهور ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ ڪوبه ڊيڊ لاڪ نه آهي ۽ سمورا معاملا سهڻي نموني حل ڪيا پيا وڃن. ايم ڪيو ايم جي حڪومت ۾ شموليت جي سوال تي هن چيو ته سينيٽ جي چونڊ کان پوءِ ٻيهر ڳالهين کان پوءِ سموريون ڳالهيون سامهون اچي وينديون. هن چيو ته ايم ڪيو ايم سميت سموري سياسي جماعتن سان اسان جي ورڪنگ ريليشن شپ سٺي آهي ۽ اسان گڏجي ڪري هن صوبي ۽ ملڪ جي خدمت جو ارادو رکون ٿا. صوبي ۾ گورنر راڄ جي افواهن جي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سموريون ڳالهيون بي بنياد آهن. سول ۽ آرمي قيادت هڪ صفحي تي آهن ته هن ملڪ ۾ جمهوريت مستحڪم ٿئي ۽ دهشتگردي جو خاتمو ٿئي. صوبائي وزير شرجيل ميمڻ مڪيش ڪمار چاولا، نادر مگسي ۽ ٻين سان گڏ فريئر هال ڪراچي ۾ وينيٽج اينڊ ڪلاسڪ ڪار ڪلب تحت ڪوٺايل ڪارن جي نمائش جو افتتاح ڪيو ۽ اتي موجود 1920 کان ايستائين 150 کان وڌيڪ ڪارن جي ان نمائش جي بندوبست تي انهن جي منتظمين کي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ کين يقين ڏياريو ته حڪومت اهڙي طرح جي اپائن ۾ پنهنجو ڀرپور ساٿ ڏيندي، جنهن سان پاڪستان ۽ عالمي سطح تي پاڪستاني ڪارن جي پذيرائي ٿي سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *