سنڌ ۾ گرمي سبب ماڻهن جي فوت ٿيڻ جا ذميوار وزير اعظم ۽ پاڻي ۽ بجلي واري وزارت آهن: سيد مراد علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار، صوبي اندر بجلي بحران واري معاملي تي وفاق خلاف عدالت وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، توانائي واري صوبائي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعظم ۽ بجلي واري وزير کي بحران جو ذميوار قرار ڏيندَي چيو آهي ته سنڌ جي عوام کي ڄاڻي واڻي تڪليفون ڏنيون پيون وڃن. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندَي توانائي واري صوبائي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪــَي اليڪٽرڪ جو ڪنٽرول وفاقي حڪومت وٽ آهي، سنڌ سرڪار وٽ ته معاهدي جي ڪاپي به موجود ناهي. هـُن چيو ته بجلي بحران جي ذميواري وفاقي حڪومت تي لاڳو ٿئي ٿي، تنهنڪري سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جا ذميوار وزيراعظم نواز شريف، پاڻي ۽ بجلي وارو وزير خواجا آصف آهن. صوبائي وزير چيو ته عام فهم جهڙي ڳالهه آهي ته گهرن ۾ بجلي نه هوندي ته ظاهر آهي عوام ڪاوڙ ۾ ايندو. مراد علي شاهه چيو ته بجلي بحران واري معاملي تي وڏو وزير وزيراعظم کي ڪيترائي خط لکي چـُڪو آهي، جڏهن ته آصف زرداري پاران به نواز شريف کي ان سلسلي ۾ خط لکيو ويو آهي. هـُن چيو ته سنڌ جي عوام کي ڄاڻي واڻي تڪليف ڏني پئي وڃي. صوبائي وزير چيو ته نوري آباد ۾ 100 ميگاواٽ جو پلانٽ سيپٽمبر ۾ لڳايو ويندو، عوام جي پئسي کي ضايع ٿيڻ نه ڏنو ويندو. مراد علي شاهه چيو ته بجلي بحران واري معاملي تي سنڌ حڪومت وفاق خلاف عدالت ويندي ۽ احتجاج به جاري رکندي. ٻئي طرف توانائي واري صوبائي وزير سيد مراد علي شاهه جي پريس ڪانفرنس دوران خانگي ٽي وي چيئنل جو ڪئميرامين زاهد بيهوش ٿي ويو. ڪئمرامين جي طبي چڪاس لاءِ ڊاڪٽر کي گهرايو ويو پر زاهد جي حالت خراب ٿيڻ ڪري کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *