سنڌ ۾ گرمي جي لهر برقرار، فوتين جو انگ 700 کان به ٽپي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي سميت پوري سنڌ ۾ چوٿين ڏينهن به گرميءَ جي شدت برقرار آهي، اڄ وڌيڪ 70 ڄڻن جي فوت ٿيڻ کان پوءِ ڪراچي ۾ فوتين جو انگ وڌي 722 ٿي ويو آهي. سول اسپتال ۾ رات کان هن وقت تائين 15 ماڻهن دم ڏنو جنهن بعد چئن ڏينهن اندر سول اسپتال ۾ فوتين جو  انگ 86 ٿي ويو.  قطر اسپتال ۾ وڌيڪ چار ڄڻا فوت ٿي ويا.  جناح اسپتال ۾ 201 مريضن دم ڏنو، جڏهن ته وڌيڪ ڪيترائي ماڻهو داخل ڪيا ويا آهن. شديد گرمي سبب هزارين ماڻهو مختلف اسپتالن ۾ بي حال آهن جن جو علاج ڪيو پيو وڃي. گذريل چئن ڏينهن دوران رڳو ڪراچي ۾ فوتين جو انگ 531 ٿي ويو آهي جڏهن ته سنڌ جي  مختلف شهرن ۾ به هڪ سئو کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا آهن. گذريل چئن ڏينهن دوران جناح اسپتال ۾ اڍائي سئو، سول اسپتال ۾ 71، لياري جنرل اسپتال ۾ 17، سنڌ گورنمينٽ اسپتال ۾ 8 خانگي اسپتالن ۾ هڪ سئو ٻه ، ڪامياڙي اسپتال ۾ 2 ماڻهو فوت ٿيا. جناح اسپتال جي ترجمان سيمي جمالي چيو آهي ته گرمي سٽيل 3 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جو علاج ڪيو ويو. حيدرآباد جي هالي روڊ واري علائقي ۾ هڪ نامعلوم شخص فوت ٿي ويو جنهن جو لاش ايڌي حوالي ڪيو ويو. مڪلي جي اسپتال ۾ پيرسن حاجي رحيم جوکيو ۽ 8 ورهين جي نائله فوت ٿي ويا. ٿاڻو بولا خان جي ڳوٺ ڪرچات ۾ 50 ورهين جو الهجڙيو برفت گرمي جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *