سنڌ ۾ گئس بحران: لڳي ٿو پي ٽي آءِ کي تبديلي لاءِ نه تباهي لاءِ ووٽ مليو آهي: سنڌ سرڪار

ڪراچي(20 ڊسمبر 2019)سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ وزير اعليٰ سنڌ جي قانون ۽ ماحوليات بابت صوبائي صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب سنڌ ۾ گئس جي بدترين بحران تي سخت رد عمل ڏيندي چيو آهي ته سنڌ کي ان جي /ڏسو صفحو 2 بقايا نمبر 34

حصي جي گيس کان ڄاڻي واڻي محروم ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ملڪ جي گئس جو ستر سيڪڙو پيداوار سنڌ مان حاصل ڪئي ويندي آهي پر ظلم اهو آهي جو ان ئي صوبي کي ان جي قدرتي وسيلن کان محروم رکڻ جي سزا ڏني پئي وڃي. هن چيو ته گئس نه هجڻ سبب اڄ گھرن جا چلها نٿا ٻرن جڏهن ته ان جي ابتڙ گيس جي اگھن ۾ 200 سيڪڙو واڌاري جي تجويز ڏني پئي وڃي. ڪراچي ملڪ جو  معاشي حب آهي پر اڄ هتي جي شهرين کي گئس کان محرومي جو منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ جي ماڻهن کي سندن بنيادي حقن کان محروم ڪري رهي آهي تحريڪ انصاف کي شايد ملڪ ۾ تبديلي لاءِ نه پر تباهي لاءِ ووٽ مليو هو. عمران خان نيازي اينڊ ڪمپني ماڻهن کي سنهرا خواب ڏيکاريا پر هاڻ انهن جي تعبير نهايت خوفناڪ منظر پيش ڪري رهي آهي ان تبديلي ملڪ کي تباهي جي ڪناري تي اڻي بيهاريو آهي خدا جي واسطي اسان جا حڪمران هوش کان ڪم وٺن ۽ سنڌ مان گيس جي بحران جو خاتمو ڪن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *