سنڌ ۾ ڪورونا وڌيڪ 22 حياتيون ڳڙڪائي ويو، 17 سئو 76 نوان ڪيس ظاهر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس صورتحال بابت رپورٽ ميڊيا سان شيئر ڪندي چيو ته 9080 ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن ۾ 1776 نوان مثبت مريض ظاهر ٿيا جڏهن ته 22 وڌيڪ مريضن جي فوت ٿيڻ کانپوءِ اهو انگ 853 تائين پهچي ويو آهي. وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ وڏي وزير چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 9080 ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان 20 سيڪڙو نتيجو  يعني 1776 مثبت ڪيس سامهون آيا. هن چيو ته اسان جي تشخيص واري شرح 20 کان 24 سيڪڙو جي وچ ۾ آهي جنهن تي سماجي وٿيءَ ۽ ٻين ايس او پيز تي عمل ڪرڻ سان ضابطو آڻي سگهجي ٿو . هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 307412 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن جنهن جي نتيجي ۾ 55581 ڪيسز معلوم ٿيا، جنهن مان 28023 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن جڏهن ته انهن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 2417 مريض پڻ شامل آهن. هن ٻڌايو ته 50.5 سيڪڙو مريضن جي صحتيابي واري رڪارڊ بلند ترين شرح آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هن وقت 26705 مريض علاج هيٺ آهن جنهن ۾ 24789 ا گهرن ۾ آئسوليٽ، 90 قرنطينه سينٽرن ۾ ۽ 1826 مختلف اسپتالن ۾ آهن. هن ٻڌايو ته 1776 نون ڪيسن مان 1091 ڪراچي جا آهن  جنهن ۾ ضلع ڏکڻ 337، ضلع اوڀر 258، ضلع مرڪز 205، ضلع ڪورنگي 104، ضلع ملير 95  ۽ ضلع اولهه 92 ۾ شامل آهن. ٻين ضلعن ۾ نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بابت وڏي وزير چيو ته ڪشمور ۾ 66 ، حيدرآباد 55 ، گهوٽڪي 41 ، خيرپور 29 ، لاڙڪاڻو 29 ، جيڪب آباد 26 ، سکر  26 ، ميرپور خاص 24 ، ٺٽو 24 ، ڄامشورو 13 ، قمبر 11 ، شهيد بينظير آباد 10 ، سانگهڙ 9، شڪارپور ۽ بدين 8-8 ، دادو 7، عمرڪوٽ 6، ٽنڊو الهيار 5 ، مٽياري 3 ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ 2 ڪيس ظاهر ٿيا آهن. وڏي وزير هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ جي عوام کي ماهرن، ڊبليو ايڇ او ۽ حڪومت پاران ٻڌايل هدايتن تي پابندي سان عمل ڪرڻ جي درخوات ڪئي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *