سنڌ ۾ ڪرپشن جا سڀ رڪارڊ ٽٽي چڪا، پ پ جي تڏا ويڙهه ڪنداسين: پير پاڳارو

نوشهرو فيروز (ويب ڊيسڪ) حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪرپشن جا سڀ رڪارڊ ٽٽي چڪا آهن، هي حاڪم گهڻي دير نه رهندا. نوشهري فيروز ڀرسان سڌوجا ۾ ٿيل گرينڊ ڊموڪريٽڪ الائنس جي جلسي کي خطاب ڪندي صبغت الله شاهه راشدي چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ پ پ جي تڏا ويڙهه ڪري ڇڏينداسين، زرداري – نواز دوستي ٻنهي پارٽين ۽ ملڪي ادارن کي تباهه ڪيو آهي، حڪمرانن جا ڪم عدليا ڪري رهي آهي ۽ اهو به مڃڻو پوندو ته پنجاب ۾ ڪجهه ترقي ٿي آهي پر سنڌ ۾ ترقي جي نالي تي ڪرپشن ڪئي وئي آهي، ڏائڻ وانگر هڪ گهر به ناهي ڇڏيو ويو، اهڙا حڪمران هاڻ سنڌ ۾ حڪمراني نه ڪري سگهندا. جلسي کي خطاب اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو ته مان اڳ چئي چڪو آهيان ته رائو انوار زرداري جو فيوريٽ قاتل آهي، جنهن جي حڪم سان هو ڪيترائي ماڻهو قتل ڪري چڪو آهي ۽ سندس بابت زرداري جي واتان اندر جي ڳالهه نڪري وئي ته رائو انوار بهادر ماڻهو آهي پر زرداري اها ڳالهه واپس وٺي اهو چيو ته اها ڳالهه مون کان نڪري وئي هئي. قومي عوام تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ کي سنڌ70 سيڪڙو گئس،68  سيڪڙو پيٽرول، 70 سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪري ٿي، ان جي بدلي ۾ سنڌ جي عورتن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي رحم ڪرم تي ڇڏي  غربت ۽ مفلسي ۾ هٿ سان واڌارو ڪيو ويو آهي، جنهن جي ڪري سنڌ اندر لکين بيروز گار نوجوان هٿن ۾ ڊگريون کڻي روزگار لاءِ دربدر لڳا پيا آهن، پ پ پنهنجي 10 سالن جي حڪومت ۾ سنڌ جي ڪنهن به ضلعي ۾ ڪا اهڙي انڊسٽري نه لڳائي آهي، جنهن سان ماڻهن کي روزگار ملي. اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم چيو ته هتي ماڻهو ملڪ سان نه پر پارٽي سربراهه سان وفاداري ڪندا آهن، جيڪڏهن مافيا مان جان نه ڇڏائي وئي ته ملڪ هلڻ جي لائق نه رهندو. جلسي کي غلام مرتضيٰ جتوئي، سيد ظفر علي شاهه، صفدر عباسي، شهريار خان مهر، ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي، نصرت سحر عباسي، مسرور احمد جتوئي، مخدوم فضل حسين، عاقب خان جتوئي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *