سنڌ ۾ ڌارين جي لوڌ کي ملندڙ سڃاڻپ: صاحب خان ڀٽي

گذريل ڪيتري ئي عرصي کان سنڌ ۾ ڌارين جي لوڌ جي آمد جو سلسلو جاري آهي،  جنهن سبب سنڌ جي آبادي ڏينهون ڏينهن وڌندي پئي ۽ مسئلا به وڌندا پيا وڃن پر افسوس جو ڪامورا ڪجهه ووٽن خاطر سنڌ ۾ ڌارين جي لوڌ کي روڪڻ لاءِ ڪي به قدم نه کڻي رهيا آهن،  جنهن سبب  سنڌ اندر ڌارين جي آبادي  ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. افغانستان ۾ جنگ هجي يا ڪنهن ٻي علائقي ۾ آپريشن سڄي لوڌ جو رخ صرف سنڌ ڏانهن ئي ڪيو ويندو آهي، ڪجهه عرصو اڳ جڏهن ڌارين جي لوڌ خلاف سنڌ ۾ قومپرست پاران آواز اٿاريو ويو ته سنڌ سرڪار توڙي وفاقي سرڪار انهن جو آواز دٻائڻ لاءِ  انهن خلاف ڪارروايون ڪيون ويون ۽ قومپرست پارٽين جي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري احتجاج جو سلسلو روڪرايو ويو، هن وقت ڪراچي ۾ جيتري ڌارين جي لوڌ موجود آهي، شايد ملڪ جي ڪنهن ٻئي شهر ۾ اهڙي صورتحال هوندي،

جڏهن به سنڌ اندر ڌارين  جي آبادڪاري کي روڪڻ لاءِ احتجاج شروع ٿيا ته  سنڌ مان چونڊيل هر هڪ  نمائندي ان جي مخالفت ڪئي، خبر ئي نه ٿي پئي ته چونڊيل نمائندا اقتدار ۾ اچي اکيون الائي ڇو ڦيري ڇڏيندا آهن. اڄ  سنڌ جو ڪو به اهڙو شهر نه بچيو آهي، جتي غير ملڪي ترسيل نه هجن،  مختلف شهرن ۾  افغان شهري توڙي برمي، بهاري، بنگالي ۽ ٻيون کوڙ  قومون ترسيل آهن، اهو ئي سبب آهي جو اڄ سنڌ اندر بک، بدحالي ۽ بيروزگاري عروج تي پهتل آهي، سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ  ۽ ڌاريلن جي آبادڪاري جو سلسلو به جاري آهي. سنڌ جا ماڻهو بک ۽ بدحالي سبب آپگهات ڪرڻ تي مجبور آهن پر هتان جي حڪمرانن جي ڪن تي جونءَ به نٿي چري.

جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ڪاموري کي ان بابت ايوان ۾ آواز اٿارڻ لاءِ چئي به ٿو، ان جي ڳالهه جو ڪو به اثر نه ٿو پئي، هن وقت سنڌ جا وڏا شهر خاص ڪري ڪراچي ته عالمي يتيم خانو ٿي ويو آهي، جتي الائي جي ڪهڙن ملڪن جا  ترسيل  آهن، هتي عرب سڳورا مٿي تي نوڙ ٻڌي به گهمي رهيا آهن  ته افغان متاثر به ترسيل آهن، جيڪي مختلف ڪاروبار به ڪري رهيا آهن ۽ ڪجهه غير ملڪين کي ته سنڌ ۾ نوڪريون به ڏنيون  ويون آهن، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ٻين صوبن جي ڀيٽ سنڌ جي سرڪاري ادارن ۾ ڌارين جي لوڌ ڀريل آهي پر هتان جا حڪمران الائي جي ڪهڙي نشي ۾ آهن جو انهن کي سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ٿيندي نظر نه پئي اچي ۽ نه ئي سنڌ اندر وڌندڙ بيروزگاري ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي، جيڪڏهن حالتون اهڙيون رهيون ته پوءِ آخر سنڌ جو ڇا ٿيندو،.

شهيدن جي نالن تي ووٽ وٺندڙ ته هاڻ پاڻ ئي ڌارين جي لوڌ کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪري رهيا آهن ۽ بنگالين ۽ ٻي ڌاري لوڌ کي سڃاڻپ ڪارڻ جا اعلان به ڪيا پيا و ڃن آخر سنڌ شهيدن جي نالي تي وٺندڙ جو ڪهڙو گناهه ڪيو آهي جو اڄ سنڌ اندر ڌارين جي لوڌ کي ڪڍڻ بدران انهن کي سنڌ جو ئي رهواسي ڏيڻ ڪوششون ڪيون پيون وڃن. هن وقت حڪمرانن سنڌ اندر اهڙيون حالتون پيدا ڪيون ويون آهن جو جيڪڏهن ڪو سنڌ جو ساڃاهه وند يا قومپرست ماڻهو ڌارين جي لوڌ ۽ وسيلن جي ڦرلٽ خلاف آواز اٿاري ٿو ته اهو ڏينهن ڏٺي گم ٿي وڃي ٿو، خبر ئي نه ٿي پئي ته الائي ڪير کڻي ويو، نه قانون لاڳو ڪندڙ گرفتاري ظاهر ڪن ٿا ۽ نه ئي وري پوليس ڪجهه ٻڌائڻ لاءِ تيار ٿئي ٿي. خبر ئي نه ٿي پئي ته سنڌ اندر الائي جي ڪهڙا فرشتا لٿا آهن جو ماڻهن کي هڪ اشاري تي گم ڪري ڇڏين ٿا.

هن وقت ڪراچي ۾ لکن جي تعداد ۾ پرڏيهي ترسيل آهن پر مجال آهي جو ڪو نمائندو ان خلا ف ايوان ۾ آواز اٿاري.  ڪجهه عرصو اڳ جڏهن سنڌ ۾ قومپرستن ڌارين جي لوڌ کي روڪڻ لاءِ احتجاج ڪيو هو ته ان  وقت اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو هوته هو ڌارين کي روڪڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته مٿان کان آرڊر جاري ٿئي ٿو ته انهن کي نه روڪيو،  هاڻ جڏهن مٿان کان ئي اهي آرڊر ٿين ته ڌارين کي سنڌ ۾ آباد ڪيو وڃي ته پوءِ ڪهڙي ريت اسان نه چئون ته سنڌ جي خلاف سازشون ٿي رهيون آهن. هونئن ته ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ به نه آهي ته سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري ۽ انهن کي هتان جي سڃاڻپ ڏيڻ سنڌ جي خلاف سازش جو هڪ حصو آهي، جيتوڻيڪ سنڌ ۾ ڪوئلو ۽ ٻيا معدني وسيلا   موجود آهن پر ان مان به سنڌ کي ڪجهه به  نه ملي رهيو آهي،

جيڪڏهن سنڌ  جي ماڻهن کي سنڌ مان نڪرندڙ پيٽرول، گيس ۽ ڪوئلو  مان ڪجهه حصو ڏنو وڃي ها ۽  سنڌ جي ماڻهن جي تعليم، صحت ۽  ٻين بنيادي سهولتن جو خيال رکيو وڃي ها ته اڄ هتان جو ماڻهو غريب ۽ لاچار نه هجن ها ۽ نه ئي هتان جو نوجوان بيروزگار هجن ها. پر ڇا ڪجي هتان جا حڪمران ئي اهڙا آهن، جن ذهنيت ئي هڪ  ظالم وڏيري جهڙي آهي، جيڪي نٿا چاهين ته  سنڌ ۾ خوشحالي اچي، گذريل ڪيتري ئي عرصي کان سنڌ مان هڪ ئي پارٽي اقتدار ۾ اچي رهي  آهي پر ان پارٽي اڄ تائين سنڌ  ۾ ڌارين جي آبادڪاري کي روڪڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آهن ۽ نه ئي وري سنڌ اندر پاڻي  جو ڪو ڊيم ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي  آهي، ايتري قدر جو سنڌ مان نڪرندڙ پيٽرول، گيس ۽ ڪوئلو مان سنڌ کي ڪو فائدو  پهچايو آهي، جنهن  سبب  صوفين جي سرزمين جو عوام غريب آهي ۽ نوجوان نوڪرين لاءِ در بدر ڀٽڪي رهيا آهن، جن جي ڪير به ٻڌڻ وارو نه  آهي،

عالمي يتيم خاني ڪراچي جي به هن وقت تائين ڪا سار سنڀال نه پئي لڌي وڃي، جيتوڻيڪ هن ملڪ  جي قيام لاءِ سڀ کان وڌيڪ قربانيون سنڌين ئي ڏنيون هيون پر الائي جو  اڄ سنڌين کي ڪهڙي گناهه جي سزا ڏني پئي وڃي جو هتان جا ڪامورا توڙي وفاقي حڪومت صرف ان ڪوشش ۾ رڌل آهن ته ڪهڙي نموني ڌارين کي سنڌ ۾ آباد ڪري انهن جا سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرايا وڃن. اهو ڪنهن جي اشاري تي ٿي رهيو آهي، ان جي ته خبر نه آهي پر هر هڪ سنڌي کي اها خبر ضرور پئجي وئي ته هتان جا حڪمران جي حضوري ۾ پورا آهن، سنڌ جي خلاف جيڪو فيصلو ٿئي ٿو، ان جي جي حضوري ۾ پورا آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ ميڊيا  تي خبرون هلي رهيون هيون ته پيپلزپارٽي پاران ڪراچي ۾ ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ بنگالني کي پاڪستان جي شهريت ڏيارڻ جو اعلان ڪيوويو آهي، جنهن بعدسنڌ ۾ هڪ ڳڻتي لهر پکڙجي وئي،

هر هڪ سنڌي پريشان ٿي ويو ته آخر پيپلزپارٽي کي ڇا ٿي ويو آهي، اڳ ئي سنڌ ۾ افغان مهاجر سميت ٻيون الائي ڪهڙيون قومون ترسيل آهن، جن جي اچڻ سان  هن ڌرتي تي دهشتگردي جو راڄ قائم ٿيو آهي، طالبانن واري ذهنيت جنم وٺي رهي آهي، ايتري قدر جو دهشتگرد  درگاهن ۽ امام بارگاهن تي حملا ڪري رهيا آهن، ماضي ۾ سنڌ کي امن جي ڌرتي سڏيو ويندو هو پر غيرملڪين  جي آمد کانپوءِ دهشتگردن هتي رت جي راند شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن سيوهڻ ۾ دهشتگردن معصوم ۽ بيگناهه ماڻهن جو رت وهايو ته هتي غير قانوني ترسيل افغان شهرين خلاف وٺ پڪڙ شروع ٿي ته ڪي پي جي حڪمرانن رڙيون شروع ڪيون هيون، جنهن مان لڳي رهيو هو ته هتي رهندڙ  غيرملڪين کي ڪي  پي ڪي سرڪار جو آشيروار حاصل آهي، جيڪي نٿا چاهين ته سنڌ مان پرڏيهي نڪرن ۽ هتي امن قائم ٿئي.

هاڻ جڏهن سنڌ ۾ قومپرستن جو گهيرو تنگ ڪيو  ويو آهي ۽ انهن جي احتجاجن تي اڻ سڌي طرح پابندي لڳائي وئي آهي ته ان وقت پيپلزپارٽي لاءِ سمورا دروازا کلي ويا آهن، جيڪو وڻي اهو فيصلو ڪري، جڏهن پيپلزپارٽي پاران ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، تڏهن سنڌ نيشنل پارٽي جي چيئرمين امير ڀنڀرو  16 آگسٽ تي احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جنهن جي ٻين پارٽين پاران حمايت جو اعلان ڪيو ويو آهي. هن وقت جيتوڻيڪ  وفاقي سرڪار توڙي صوبائي سرڪار سنڌ جي ساڃاهه وندن جو آواز دٻائي ڇڏيو آهي پر اڃا ڪجهه اهڙا  سنڌ جا بهادر پٽ موجود آهن، جيڪي پابندين باوجود سنڌ جي حقن لاءِ آواز اٿاري رهيا آهن، انهن مان امير ڀنڀرو صاحب به هڪ آهي، جنهن ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ واري اعلان خلاف عوامي رابطا مهم شروع ڪري ڇڏي آهي، سنڌ نيشنل پارٽي جي چيئرمين امير ڀنڀري چيو آهي ته هو  16 آگسٽ تي سنڌ اسيمبلي جو گهيراءُ ڪندا ،

جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هي اعلان ڀلي کڻي سنڌ جي حقن لاءِ ڪيو پيو وڃي پر  سنڌ جي حڪمرانن تي ان جو ڪو به اثر نه پوندو ڇاڪاڻ ته انهن کي صرف اقتدار ئي کپي پوءِ ڀلي کڻي کين ڇا به ڪرڻو پيو. اسان کي ته اهو ڏينهن به ياد آهي ته هڪ نام نهاد پارٽي جڏهن سنڌ  جي ورهاڱي لاءِ  احتجاج ڪيو هو ته سنڌ جي حڪمرانن انهن کي جوس پياريو هو ۽ انهن مٿان ڪو به طاقت جو استعمال نه ڪيو ويو هو پر جڏهن سنڌي استادن پگهارن لاءِ احتجاج ڪيو ته سنڌ حڪومت انهن مٿان ائين ڪڙڪي پئي ڄڻ ڪو هو  طالبان دهشتگردن سان وڙهندا هجن. مطلب ته سنڌ جي دشمنن سان محبت جو اظهار ڪيو ويو ۽ جائز حقن لاءِ احتجاج ڪندڙن تي لٺيون ۽ شيلنگ ڪئي وئي.

بهرحال هاڻ سنڌ جون حالتون تمام گهڻو خراب ٿي چڪيون آهن ۽ ڌارين جي لوڌ کي سنڌ مان بي دخل جو وقت به اچي ويو آهي، جيڪڏهن  ڌارين جي لوڌ کي هتان بي دخل نه ڪيو ويو ته  ڌارين جي لوڌ جي روپ ۾ رهندڙ دهشتگرد هن صوفين جي سرزمين کي جهنم  بڻائي ڇڏيندا، جهڙي ريت انهن افغانستان ۽ ٻين ملڪن کي بڻائي ڇڏيو آهي.  سنڌ ۾ جڏهن به ڪا دهشتگرد ڪارروائي ٿي آهي ته ان جا پيرا به افغانستان ڏانهن ئي وڌا آهن.  سنڌ جي ڪامورن کي  هاڻ پنهنجو رويو تبديل ڪرڻو پوندو  ۽ اقتدار خاطر هن صوفين جي سرزمين کي دوزخ بڻائڻ کان پاسو ڪرڻو پوندو. سنڌ جي ماڻهن تي  طاقت جو استعمال ڪري آواز دٻائڻ  وارو به سلسلو بند ڪرڻو پوندو، شهيدن جي نالي تي ووٽ وٺي اقتدار ۾ ايندڙن کي سنڌ جي ڀلائي ۽ سنڌ ۾ ڌارين جي لوڌ کي روڪڻو پوندو، جيڪڏهن هن وقت سنڌ اندر ڌارين جي لوڌ کي نه روڪيو ويو ته سنڌي اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا، جنهن جو سڀ کان وڌيڪ نقصان شهيدن جي پارٽي کي ٿيندو جيڪي هميشه سنڌين کان ووٽ وٺي اقتدار ۾ ايندا رهيا آهن.

sahibalisindhi@gmail.com

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *