سنڌ ۾ پاڻي کوٽ 47 سيڪڙو ٿي وئي، مختلف شھرن ۾ احتجاجي مظاھرا، ڌرڻا

ڪراچي(م.ڊ) سنڌ ۾ پاڻي کوٽ 47 سيڪڙو ٿي وئي، ارسا جي دعوائن باوجود گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بئراجز تي  لاٿ برقرار،تربيلا ڊيم ۾ ٽن مهينن کان ڊيڊ ليول تي هئڻ بعد ذخيرو شروع ٿي ويو، تربيلا ڊيم ۾پاڻي سطح 1407 ۽  منگلا ۾ پاڻي جي سطح 1081 فوٽ ٿي وئي، گڊو بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو گهٽجي رڳو 29 هزار 700 ٿي ويو، سکر بئراج وٽ پاڻي کوٽ 43 سيڪڙو تي پهچڻ باوجود ساڄي پاسي جي ڪئنالز ۾ پاڻي نه ڇڏيو ويو، جڏھن تھ سنڌ ۾ پاڻي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو، شهدادپور ۽ چمبڙ سميت مختلف شهرن ۾آبادگارن جا مظاهرا ۽ بک هڙتالون، سنڌ سرڪارج حصي جو زرعي پاڻي گھٽ ملڻ کي زرعي معيشت لاء خطرو قرار ڏئي ڇڏيو آھي، صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ، وزيراعظم کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ 45 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي،ارسا جو چوڻ آهي ته پاڻي جي صورتحال بهتر ٿي رهي آهي، سنڌ کي 32 هزار ڪيوسڪ بدران 60 هزار ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *