سنڌ ۾ پاڻي کوٽ برقرار،ڪئنالز، شاخن ۽ واهن جا پيٽ سُڪي ويا، مظاھرا، ڌرڻا جاري

ڪراچي(م.ڊ) سنڌ ۾ پاڻي جو سنگين بحران نه ٽريو، پاڻي جي اڻهوند سبب ڪئنالز، شاخن ۽ واهن جا پيٽ سُڪي ويا، پُڇڙيءَ جي آبادگارن جا پوکيل فصل تباهه  ٿي رهيا آهن، ڇاڇرو ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، کڏڙو ۾ آبادگارن سانگهڙ- نواب شاهه روڊ تي ڌرڻو هنيو، جڏهن ته سجاول جوڻيجو ۾ آبادگارن قومي شاهراهه تي ٽرئڪٽر ٽراليز بيهاري احتجاج رڪارڊ ڪرايو، آبادگارن جو چوڻ آهي ته درياهه ۾ اڳ ئي پاڻي جي کوٽ آهي، جيڪو پاڻي ملي ٿو، اُهو به آبپاشي عملدار بااثرن کي وڪرو ڪري رهيا آهن، غريب آبادگار ڪيڏانهن وڃن؟

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *