سنڌ ۾ نيب قانون ختم، نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي  (اين اين آءِ) سنڌ ۾ احتساب آرڊيننس 1999 کي ختم ڪيو ويو آهي، سنڌ جي کاتن ۾ نيب کي ڪرپشن تي ڪارروائي جو ڪو به اختيار نه هوندو، سنڌ جي قانون واري کاتي احتساب آرڊيننس ختم ڪرڻ بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ جي گورنر اسيمبلي مان منظور ڪيل قانون تي صحيح نه ڪئي هئي، جڏهن ته سنڌ اسيمبلي ايڪٽ جي ڇپائي جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا ۽ نئون قانون لاڳو ٿيڻ کانپوءِ سنڌ جي صوبائي کاتن ۾ نيب ڪرپشن جي جاچ نه ڪري سگهندي، ان ڏس ۾ قانون واري وزير ضياءُ الحسن لنجار ٻڌايو ته سنڌ اسيمبلي مان منظور ڪيل بل هاڻ ايڪٽ بڻجي چڪو آهي ۽ قانون بڻجڻ کانپوءِ صوبائي کاتن ۾ نيب جو ڪردار ختم ٿي چڪو آهي، هن چيو ته صوبائي احتساب ايجنسي جي قيام کانپوءِ ڪرپشن تي ضابطو آڻي سگهبو ۽ صوبائي احتساب ايجنسي خود مختيار ادارو هوندو. نئين قانون تحت نيب صوبي جي ماتحت ادارن ۾ ڪارروائي جو اختيار نه رکندي ۽ نيب تحت ٿيندڙ ڪارروايون ۽ ڪيسن جي جاچ سنڌ اينٽي ڪرپشن کي منتقل ٿي وينديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *