سنڌ ۾ مداخلت نٿا چاهيون، سنڌ حڪومت سان گڏجي ڌاڙيلن جو خاتمو ڪنداسين: شيخ رشيد

ڪراچي(م.ڊ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ڊي جي رينجرز ۽ وڏي وزير سان ملاقات ڪئي، اتفاق ڪيو ته وفاق ۽ سنڌ گڏجي ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي ڪندا. چار تجويزون غور هيٺ آيون، هڪ ته ڀنگ لاءِ اغوا دهشتگردي جو ڪيس هوندو، ٽي اي پي سيز اچي رهيون آهن، هٿيار ۽ ڊرون پڻ ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته سنڌ سرڪار به پوليس ۾ تبديليون ڪيون آهن، جتي سنڌ سرڪار چاهيندي رينجرز حاضر هوندي. سنڌ حڪومت في الحال پاڻ ڌاڙيلن سان منهن ڏيڻ چاهي ٿي. هن چيو ته وزيراعظم سنڌ ۾ مداخلت نٿو چاهي، نه ئي گورنر راڄ لاڳو ٿئي پيو، امن امان انساني مسئلو آهي جنهن سان سنڌ حڪومت ۽ وفاق گڏجي ڪارروائي ڪندا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته چيئرمين نادرا جي بدلي جي سمري ڪابينا ڏانهن اماڻي ويندي، هن چيو ته نادرا وارن کي وارننگ ڏني آهي ته جن جعلي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيا، تن جون نوڪريون ئي ختم نه ٿينديون پر سندن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. نادرا کي ڪرپٽ آفيسرن کان پاڪ ڪنداسين.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *