سنڌ ۾ ماڪڙ جا حاڃان، سنڌ حڪومت وفاق کان مدد گهري ورتي، 10 ملين جي گرانٽ به منظور

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)  وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ جي وفاقي وزير خسرو بختيار سان ٽيليفو تي رابطو ۽ سنڌ صوبي ۾ ماڪڙ سان متاثر علائقن ۾ اسپري لاءِ پلانٽ پروٽيڪشن کاتي جي جهارن جي فراهمي جي درخواست. وزير اعليٰ سنڌ چيو ته لاڳاپيل کاتي ۾ فنڊز جي ڪمي جيڪري دوائن ۽ پائلٽ جي ڪمي کي پورو ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت 10 ملين روپين جي فوري گرانٽ به منظوري ڪري ڇڏي آهي ته جيئن ماڪڙ جي خاتمي لاءِ اسپري ڪري سگھجي. وزير اعليٰ سنڌ زراعت کاتي جي اجلاس جي صدارت ۾ ماڪڙ سان متاثر علائقن جو فوري سروي ڪرڻ جي هدايت ڪئي. تفصيل مطابق وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ سومر واري ڏينهن نيشنل فوڊ سڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وزير خسرو بختيار سان ٽيلي فون تي رابطو ڪيو ۽ کيس صوبي ۾ ماڪڙ جي حملي ۽ انڪري وڏي پيماني تي فصلن جي خرابي جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاھ ڪيو. وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ وفاقي وزير کي چيو ته سندس انتظام هيٺ پلانٽ پروٽيڪشن ڊپارٽمينٽ وٽ موجود اسپري جي جهاز جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. وزير اعليٰ سنڌ چيو ته ماڪڙ جيڪري صوبي جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ بيٺل فصل کي نقصان رسيو آهي ۽ اڃان به ڊپ آهي ته ماڪڙ جي حملي سان وڌيڪ نقصان ٿيندو. وزير اعليٰ چيو ته ڄاڻايل وفاقي اداري وٽ وسيلن جي ڪمي سبب سنڌ حڪومت 10 ملين روپين جي گرانٽ به منظور ڪري ورتي آهي ۽ اسان چاهيون ٿا ته فوري طور تي متاثر علائقن ۾ جهاز جي ذريعي اسپري جو ڪم سرانجام ڏنو وڃي. ان کان پهرين وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ جي صدارت هيٺ زراعت کاتي جو اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ صوبي ۾ ماڪڙ جي حملن سان فصلن کي ٿيل نقصان تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي. وزير اعليٰ سنڌ زارعت کاتي جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته فوري طور تي ماڪڙ سان متاثر علائقن جو سروي ڪري نقصان جو جائزو ورتو وڃي.  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران وفاقي پلانٽ پروٽيڪشن ڊپارٽمنٽ کي رڻ پٽ وارن علائقن ۾ ٽڊين جي رهائشگاهه تي فضائي اسپري ڪرڻ لاءِ 3 ايئر ڪرافٽس، فيول ۽ ڪيڙي مار دوائن جو بندوبست ڪرڻ لاءِ 10 ملين رپيا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن اهو فيصلو اڄ وزيراعليٰ هائوس ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاهه، سينئر صلاحڪار نثار کهڙو، صوبائي وزير زراعت اسماعيل راهو، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جماو ابڙو، سيڪريٽري زراعت آغا ظهير الدين، ڊي جي ايگريڪلچر ايڪسٽينشن هدايت الله، وفاقي حڪومت جي پلانٽ پروٽيڪشن واري ڊي جي فلڪ ناز  ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو ته ٽڊين 11 ضلعن ۾ تيار فصلن کي گهڻو نقصان پهچايو آهي جيڪڏهن وفاقي حڪومت جو ادارو پلانٽ پروٽيڪشن وقت تي اسپري ڪري ها ته نقصان تي ضابطو ڪري سگهجي پيو. هن زراعت کاتي کي هدايت ڪئي ته فصلن کي پهچندڙ نقصانن جو سروي ڪرايو وڃي.  زراعت بابت صوبائي وزير اسماعيل راهو وڏي وزير کي ڄاڻ ڏيندي ٻڌايو ته ريگستاني ٽڊيون سڀ کان پهرين خيرپور جي نارا ٻيٽ ۾ 13 مئي 2019 تي نظر  آيون هيون جيڪو انڊيا وٽان آيون هيون. هن چيو ته ڊگهي چوماسي واري موسم ڪارڻ ٽڊين ريگستاني علائقن ۾ بيضا ڏنا ۽ انهن مان نڪرندڙ ٽڊين رڻ پٽ وارن علائقن ۾ تباهي ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ هارين کي سخت نقصان پهتو. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ٽڊين جا لشڪر ڪيترن ئي ضلعن ۾ لڌا ويا جنهن جي نتيجي ۾ تيار فصلن کي سخت نقصان پهتو.  واضح رهي ته وفاقي پلانٽ پروٽيڪشن واري کاتي کي ٻڌايو ويو هو ته هو نارا جي ٻيٽ ۾ ڪنٽرول آپريشن شروع ڪري. وفاقي پلانٽ پروٽيڪشن جي اداري ڪنٽرول آپريشن شروع ڪري ڇڏو هو پر کين مالي ڏکائين ۽ ٻين سببن وگهي ڪنٽرول پروگرام مناسب طريقي سان شروع نه ٿي سگهيو. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته وڌيڪ متاثر ٿيندڙ علائقن ۾ ضلعي سکر جو صالح پٽ، خيرپور جو نارا ٻيٽ، گهوٽڪي جو رڻ پٽ، ٿر جا ريگستاني علائقا مثال طور ڇاڇرو، ڏاهلي، ننگرپارڪر، اسلام ڪوٽ، اڇڙو ٿر، سانگهڙ، عمرڪوٽ جو رڻ پٽ، شهيد بينظير آباد جو تعلقو دوڙ جو گنگو ٿر شامل آهن.  زراعت واري صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو ته کاتي مختلف متاثر ٿيندڙ علائقن 247،297 ايڪڙ ۾ ڦوهارو ڪرايو جيڪو 319.695 ملين رپين جي فنڊز سان ڪرايو ويو جيڪي وڏي وزير ڊپٽي ڪمشنر کي ڏنا. وڏي پلانٽ پروٽيڪشن بابت وفاقي وزير جي ڊائريڪٽر جنرل کي چيو ته اهي ڪيترا ايئر ڪرافٽس استعمال ڪري رهيا آهن. هن چيو ته کين سنڌ ۾ هڪ هيلي ڪاپٽر آهي جنهن کي فيول ۽ ڪيڙي مار دوائون جي کوٽ جهڙا مسئلا درپيش آهن. هن چيو ته جيڪر ان جي فنڊز جا مسئلا حل ڪيا وڃن ته هو 3 هيلي ڪاپٽر جو بندوسبت ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته جيڪڏهن انهن لاءِ فيول ۽ ڪيڙي مار دوائون جو بندوبست ڪيو وڃي ته هو وڌيڪ 2 هيلي ڪاپٽر جو انتظام ڪري سگهن ٿا. جنهن تي وڏي وزير ناڻي واري سيڪريٽري حسن نقوي کي جلد 10 ملين رپيا جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن وفاقي حڪومت جو ادارو پلانٽ پروٽيڪشن صوبائي زراعت کاتي سان گڏجي آپريشن شروع ڪري سگهي. هن چيو ته زمين ڪڻڪ جي فصل لاءِ تيار ڪئي وئي آهي ۽ هلندڙ مهيني جي آخر تائين لڻائي به شروع ٿي ويندي. جيڪڏهن اها ئي صورتحال رهي ته سڄي جو سڄو فصل ٽڊيون کائي وينديون. هن چيو آپريشن ايندڙ 4 ڏينهن اندر لازمي طور شروع ڪيو وڃي. وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته هو ريگستاني علائقن ۾ ٽڊين جي خلاف آپريشن جي مانيٽرنگ ڪن ۽ ضلعي انتظاميا ، زراعت کاتو ۽ وفاقي ادارو پلانٽ پروٽيڪشن وچ ۾ ويجها رابطا رکيا وڃن ته جيئن اهو ڪم گهٽ کان گهٽ وقت ۾ ٿي سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *