سنڌ ۾ لساني تنظيم پنهنجي ڪجهه ميمبرن جي ڪري وفاق ۽ صوبائي حڪومت کي ڪم نٿي ڪرڻ ڏي: سراج الحق

لاهور (بيورو) امير جماعت اسلامي سراج الحق چيو آهي ته سينيٽ چونڊن لاءِ ڳجهي ووٽنگ ڪرڻ گهرجي اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي ته هو سينيٽ چونڊن کي ڌانڌلي کان پاڪ ۽ پئسي جي تجارت بنائڻ کان روڪڻ لاءِ جوڳا قدم کڻي سنڌ حڪومت بلديه ٽائون سانحي تي جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم جي رپورٽ اچڻ کان پوءِ سياسي مصلحت جي تحت سينيٽ چونڊن لاءِ ايم ڪيو ايم سان رابطو ڪري ورتو ۽ نئون اتحاد ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي لاهور ۾ مڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته قوم کي صرف امن گهرجي ۽ امن تڏهن ئي قائم ٿيندو جڏهن ته ڪاري ۽ گوري ۽ بااثر ۽ بي اثر لاءِ جدا جدا قانون هجڻ بدران هڪجهڙو قانون هوندو جيڪڏهن حڪومت سياسي مصلحت ۾ اچي بدليه ٽائون سانحي تي جي آءِ ٽي جي رپورٽ تي ڪارروائي نه ڪئي ته عوام هي پڇڻ جو حق رکي ٿو ته موجوده حڪومت به انصاف نٿي ڪري سگهي ۽ ان سان قيام امن جو ايجنڊا اڻپورو رهجي ويندو. هن چيو ته سنڌ ۾ هڪ لساني تنظيم پنهنجي ڪجهه ميمبرن جي ڪري وفاق ۽ صوبائي حڪومت کي ڪم نٿي ڪرڻ ڏي اڄ ڪراچي قتلگاهه بڻجي چڪو آهي ۽ انهن واقعن جو تلسلسل اڄ به جاري آهي انگن اکرن مطابق اتي 24 هزار ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *