سنڌ ۾ زرعي ۽ پيئڻ جي پاڻيءَ جي سخت کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا

ڪراچي/حيدرآباد(بيورو/م.ڊ) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ خلاف ٻئي ڏينهن به مظاهرا ۽ ڌرڻا، جروار، اڏيرو لال ۽ جوهي ۾ آبادگار رستن تي نڪري آيا آھن، پاڻيءَ جي سنگين کوٽ خلاف احتجاج ۽ ڇتي نعريبازي ڪئي پئي وڃي،  ڪنري ۾ پاڻي چوري روڪڻ لاءِ رينجرز جا جيسر واهه تي ڇاپا، پاڻي چوري ڪرڻ جي الزام هيٺ 4 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيوويو، ٺٽي، بدين توڙي ٻين شھرن ۾ پاڻي کوٽ جي سنگين صورتحال ٿي وئي آھي، سوشل ميڊيا تي سنڌ ۾ پاڻي کوٽ خلاف ٽرينڊ ھلايو پيو وڃي، وفاق توڙي سنڌ سرڪار خلاف سخت تنقيد جاري آھي،  ٻئي طرف  سنڌودرياء ۾ پاڻي جي سخت کوٽ سبب سنڌ ۾ واھن شاخن ۾ پاڻي جي سخت پيدا ٿي وئي آھي جنھن سبب پوکيل ووئڻن جي فصل سميت مختلف زرعي فصلن جي سڪڻ جو امڪان وڌي ويو ويو سنڌو درياء ۾ ڪوٽڙي بئراج کان ھيٺ سڪل واري اڏامڻ لڳي اھڙي صورتحال ڳڻتي واري ٿي وئي حيدرآباد ٽنڊومحمد خان ڄامشورو سميت مختلف علائقن ۾ پئيڻ جي پاڻي جي  کوٽ ٿيڻ جو امڪان سنڌ جي ساڃاھ وندن سياسي سماجي ادبي اڳواڻن وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو آھي ته سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي ۽ سنڌ کي سڪائڻ بند ڪيو وڃي ڪيل سروي دؤران جڏھن جائزو ورتو ويو ته سنڌو درياء ۾ ڪوٽڙي بئراج کان پاڻي جي شديد کوٽ ڏسڻ ۾ آئي ۽ دريا بادشاھ سڪل نظر آيو سمنڊ جي ساحلي علائقي ۾ پاڻي جي تمام وڏي کوٽ پيدا ٿي وئي اھڙي صورتحال سخت گرمي ۾ ڳڻتي واري آھي  ڪوٽڙي بئراج ۾ پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري ورتي، مٿين وهڪري ۾ 4 هزار 9 سو ڪيوسڪ ۽ هيٺين وهڪري ۾ 2 سو ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو پاڻي ماھرن موجب آڪارڊ موجب ڪوٽڙي بئراج کي اپ اسٽريم ۾ 12 هزار ڪيوسڪ پاڻي گهربل هوندو آهي، ايترو پاڻي ڪوٽڙي بئراج کان ھيٺ ناھي جنھن سبب صورتحال انتھائي ڳڻتي واري ٿي وئي وئي آھي ايوان زراعت سنڌ جي اڳواڻ محمد خان ساريجو چيو ته پاڻي جي کوٽ سبب فصل سڪي رھيا آھن جيڪا اھا صورتحال برقرار رھي ته ووئڻن جي فصل سميت سمورا زرعي فصل ختم ٿي ويندا جنھن سان زراعت جي ميدان ۾ وڏو بحران پيدا ٿي سگھي ٿو انڪري پاڻي جي کوٽ واري مسئلي کي حل ڪيو وڃي ايوان زراعت سنڌ جي سيڪريٽري جنرل زاھد ڀرڳڙي چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آھي اھڙي کوٽ سبب انسان توڙي جانورپکي به سخت پريشان آھن پاڻي جي اھڙي کوٽ ڳڻتي جوڳي آھي پاڻي جو اھو بحران برقرار رھيو ته سنڌ جي صورتحال ڳڻتي جوڳي ٿي سگھي ٿي  زرعي ماھر آباد گار اڳواڻ نبي بخش سٺيو چيو ته پاڻي جي کوٽ سبب ٽنڊومحمد خان ضلعي جي صورتحال به خراب ٿي رھي ھڪ طرف پاڻي جي سخت کوٽ آھي ته ٻئي طرف سخت گرمي آھي اھا صورتحال زراعت کان وٺي انسانن توڙي پکين ۽ جانورن لاء خطرناڪ صورتحال آھي پاڻي جي کوٽ واري مسئلي کي وفاقي حڪومت فوري طور حل ڪري سنڌ ھاري ڪميٽي جي مرڪزي صدر ثمر جتوئي چيو ته پاڻي جي سخت کوٽ ۽ ڪوٽڙي کان ھيٺ پاڻي جي شديد کوٽ سان انساني آباديون پئيڻ جي پاڻي لاء سخت پريشان آھي اھا صورتحال ھارين لاء تمام گھڻي خطرناڪ آھي زرعي فصلن کي نقصان پھچڻ سان ھاري ھڪ وقت جي ماني لاء پريشان ٿي ويندا انڪري سنڌ مان پاڻي جي کوٽ ختم ڪئي وڃي ۽ سنڌودرياء ۾ پاڻي ڇڏيووڃي ته جئين سنڌ جي صورتحال بھتر ٿي سگھي، سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف 13 مئي تي سمورن ضلعن هيڊڪوارٽرن ۾ احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪيو ويو اهڙن فيصلو سنڌ ترقي پسند پارٽي جي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي صدارت هيٺ سينٽرل ڪميٽي جي اجلاس ۾  ڪيو ويو. ترقي پسند ھائوس حيدرآباد اجلاس کي خطاب ڪندي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي آهي. ماڻهو پيئڻ جي پاڻي جي لاءِ پريشان آهن. هن چيو سنڌ کي پنهنجي جو حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي ٻي پاسي جيڪو ٿورو گهڻو پاڻي اچي ٿو اهو وري ڪامورا ۽ انتظاميا حڪمران ڌر جي حمايتي جاگيردارن ۽ ڀوتارن جي طرف موڪلي رهيا آهن. هن وقت پاڻي جي مسلسل جي کوٽ سبب ڪوٽڙي کان هيٺ ڊائون اسٽريم سموري زندگي مفلوج بڻجي وئي آهي انڊس ڊيلٽا ۾ فطرت سخت متاثر ٿي وئي. لکين ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي. ڊاڪٽر قادر مگسي وڌيڪ چيو ته  پ پ پ جيڪا مسلسل سنڌ مٿان حڪمراني ڪندي پئي اچي پر اها سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏياري نٿي سگهي هن کي سنڌ جي تڪليفن ۽ مسئلن جو ڪو فڪر ناهي. ڇو ته اها جاگيردارن ۽ ڀوتارن جي نمائينده پارٽي آهي اهي ڪڏهن به سنڌ دوست ٿي نٿا سگهن. سنڌ جي سمورن مسئلن جو حل قومپرستي  فڪر ۾ آهي جنهن جو حقيقي پروگرام سنڌ ترقي پسند پارٽي وٽ آهي. هن چيو ته سنڌ جي قومپرستن ۽ وطن دوست ڌرين جي وچ ۾ اتحاد جي لاءِ ٿيندڙ پيش رفت سنڌ جي اندر نئي اميد ۽ سنڌ جي سياست جي اندر نئون اتساھ پيدا ڪيو آهي. اجلاس ۾ 19 مئي تي شهيد فهيم عباسي جي سمورن ضلع هيڊڪوارٽرن ۾ ورسي جي تقريبون ٿينديون
اجلاس ۾ حيدر شاھاڻي، حيدر ملاح ، ڊاڪٽر سومار مڱريو ، عاشق سولنگي ، قادر چنا ،امتياز سمون ،نثار ڪيريو ،ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ ،هوت خان گاڏهي ،ڊاڪٽر احمد نوناري ،گوتم چنا ،ڄام شوڪت ابڙو ،خير محمد مگسي ۽ٻين شرڪت ڪئي. ھوڏانھن سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته 91 واري پاڻي ٺاهه تي عمل نه پيو ٿئي، گذريل سال به سنڌ جَي پاڻي جو حصو وڌيڪ ڪٽيو ويو، پاڻي ڊيمز ۾ ذخيرو نه ڪيو وڃي ته جيئن خريف جَي فصل دوران پاڻي ملي سگهي،  ذخيرو ڪيل پاڻي اسان کي ملي ته کوٽ تي ضابطو آڻي سگهون ٿا، سکر بئراج جَي دوري دوران وڏي وزير پاڻي کوٽ بابت بريفنگ ورتي ۽ چيو ته، پاڻي چوري روڪڻ لاءِ رينجرز کان مدد وٺي رهيا آهيون، سکر بيراج جهڙو ٻيو بيراج ٺاهڻ لاءِ پيسا ڪٿان اچن؟

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *