سنڌ ۾ رينجرز 17 ٽارگيٽ ڪلرز ۽ 84 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي:ايپڪس اجلاس

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ايپڪس ڪاميٽي جي اجلاس کي ٻڌايو ويو آهي ته سنڌ ۾ رينجرز 17 ٽارگيٽ ڪلرز ۽ 84 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. سنڌ جي سڌ سماءَ جي وزير شرجيل انعام ميمڻ اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چيو ته دهشتگردي بابت سنڌ ۽ بلوچستان جو گڏيل اجلاس ڪوٺايو ويندو. هن چيو ته سنڌ ۾ جهادي تنظيمن جا جهنڊا، والر پوسٽر هٽائڻ ۽ گرفتارين جو عمل شروع ڪيو ويو آهي. شرجيل انعام ميمڻ ٻڌايو ته سنڌ مان 64ڪيس فوجي عدالتن ۾ موڪليا ويندا. وزير اعليٰ هائوس ۾ گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس کانپوءِ بريفنگ ۾ شرجيل ميمڻ ٻڌايو ته وال چاڪنگ ڪرڻ تي نون ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي. هن چيو ته دهشتگردي جي خاتمي وارو فورس هڪ هزار اهلڪارن تي ٻڌل هوندو. شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ ۾ سمورن مدرسن کي رجسٽرڊ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پوليس هڪ سو ايڪانوي غير قانوني پرڏيهين کي گرفتار ڪيو آهي. ان موقعي تي بريفنگ ڏيندي رينجرز عملدارن ڪاميٽي کي ٻڌايو ته سنڌ ۾ 84 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *