سنڌ ۾ ”را“ جي سرگرمين جي جاچ شروع، پابندي پيل قومپرست پارٽي به جاچ ۾ شامل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) قانون لاڳو ڪندڙ ادارن هڪ پابندي پيل قومپرست پارٽي جي ”را“ سان لاڳاپن جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب سياسي ڪارڪنن کان به ”را“ جي حوالي سان جاچ ڪئي پئي وڃي. نجي ٽي وي چينل سماء ٽي وي نيوز پنهنجي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سنڌ ۾ ”را“ جي سرگرمين جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ڪراچي جي علائقي لياري سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سرگرمين جي جاچ شروع ڪئي وئي. نجي ٽي وي موجب قانون لاڳو ڪندڙ ادارن هڪ سياسي پارٽي جي 17 گرفتار ماڻهن کان به پڇا ڳاڇا شروع ڪئي آهي. ان سان گڏوگڏ پابندي پيل قومپرست پارٽي بابت ”را“ سان لاڳاپن جي حوالي سان جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *