سنڌ ۾ خانه جنگي لاءِ راھ هموار ڪئي پئي وڃي: سنڌ بچايو ڪميٽي

نوابشاهه(ڊ.ر) سنڌ بچايو ڪاميٽي جو يڪجهتي ڊائلاگ پروگرام نوابشاھ پريس ڪلب جي لان ۾ سيد جلال محمود شاھ جي صدارت هيٺ ٿيو، هن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ خانه جنگي لاءِ راھ هموار ڪئي پئي وڃي، روهاست جي ڳالھ ڪري سنڌ ۾ خون خرابو ڪرڻ چاهين ٿا، هن چيو ته ايم ڪيو ايم پيپلز پارٽي هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن، هن چيو ته ايم ڪيو ايم سياسي اڪيلائپ مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ ورهاست جي ڳالھ ڪئي ۽ پ پ پ وارن مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون جي ڳالھ ڪريهڪ ٽڪراءُ واري صورتحال پيدا ڪئي آهي ۽ سنڌ جا ماڻهو هوشيار ٿين، سنڌ ۾ اردو ڳالهائيندڙ اسان جا ڀائر آهن اسان انهن جي حفاظت ڪنداسين ۽ اهي اسان جي حفاظت ڪندا باقي ايم ڪيو ايم وارن کي چئون ٿا ته تشدد جي سياست ڇڏي محبت ۽ امن واري سياست ڪيو، اسان کي هتي ويڙهايو پيو وڃي، ڪوبه سنڌ جو حلالي پٽ مشتعل نه ٿئي اهيا هڪ سياسي گيم تي وئي آهي ۽ اسان سنڌين کي سجاڳ ڪرڻ آئيا آهيون، ۽ اهي هوشيار ٿين پ پ پ جي نمائشي قومپرستي جي شڪل ۾ نعرا هڻڻ کان خبردار ٿين ، هن چيو ته ٽي وي پروگرامن تي بحٽ مباحثا ڪري نفرتون ڦهلايون پيون وڃن پر اسان چئون ٿا ته اچو ته نفرتن کي ناڪام ڪيون ۽ ڄاڻي واڻي نفرت جي باھ کي نه ڀڙڪايون، ميڊيا جا دوست ۽ ايڪنر پرسن ذميواري جو مظاهرو ڪن، انهيءَ موقعي تي پروفيسر مشتاق ميراڻي چيو ته اسان متحده ٿينداسين ته سنڌ بچندي، 1943 کان 1952 تائين جو هڪ تاريخي داڪومينٽ ٺاهي سنڌ ۾ ورهايو وڃي، اويڪيو پراپرڻي جو مسئلو سامهو اچي ويندو ۽ پوري پروپگندا سامهون اچي ويندي، جسقم جي ڪيهر انصاري چيو ته سنڌ جي ترقي لاءِ سنڌي مستقل رهندڙن کي گڏجي سازشين جو گڏجي مقابلو ڪرڻو پوندو، سنڌ سياسي مفادن ۽ حڪمرانن کان وڌيڪ عظيم آهي، سنڌ جي اردو آبادي کي پنهنجو حصو سمجهو ٿا ۽ ايم ڪيو ايم کي جدا نگاھ سان ڏسون ٿا.، سنڌ جي خوشحالي لاءِ ايماندار سياست جي حمايت ڪيون ٿا، ان موقعي تي ڪرم حسين وساڻ، سيد زين شاھ، مسلم ليگ فنڪشنل جي سيد زاهد شاھ، مسلم ليگ (ن) جي سيد غلام مصطفيٰ شاھ، پاڪستان تحريڪ انصاف جي قاضي نديم، قوم پرست پارٽي جو قمبر ڀٽي، جماعت اسلامي جي سرور احمد قريشي، جسقم آريسر جي اسلم خيرپوري ، فدا سنجراڻي، عزيز ڦل ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *