سنڌ ۾ ايف آءِ اي کي اختيار ڏيڻ صوبي تي حملو آهي، عدالت وينداسين: قائم علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير سيد قائم علي شاهه،سنڌ ۾ ايف آءِ اي کي اختيار ڏيڻ واري عمل کي صوبي تي حملو ۽ زيادتي قرار ڏيندي عدالت جو در کڙڪائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته صوبي ۾ امن امان جي صورتحال ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ بهتر آهي،هن اهم گڏجاڻي اڌ ۾ ڇڏي الطاف حسين جي فون اٽينڊ ڪئي،پر متحده سربراهه ڪاوڙ مان ڪال بند ڪري ڇڏي. ڪراچي ۾ فيڊريشن آف پاڪستان چيمبر آف ڪامرس ۽ انڊسٽري جَي وفد وڏي وزير سان ملاقات ڪري مسئلن بابت آگاهي ڏني واپارين سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه وفاق پاران سنڌ ۾ ايف آءِ اي کي اختيار ڏيڻ واري عمل کي صوبي تي حملو ۽ زيادتي  قرار ڏيندي اعلان ڪيو ته هو ان خلاف عدالت وڃڻ جي تياري ڪري رهيا آهن. سيد قائم علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال کي ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ گهڻو بهتر آهي،ڪراچي ۾ بدامني جو مسئلو صديون پراڻو آهي،امن جي بحالي سندن پهرين ترجيح آهي،قانون موجب پوليس جي مدد لاءِ رينجرز کي گهرايو ويو. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير ٻڌايو ته هن اهم گڏجاڻي اڌ ۾ ڇڏي الطاف حسين جي فون ڪال اٽينڊ ڪئي ته متحده سربراهه کانئس اٿندي ئي ڪاوڙ پڇيو ته توهان ڪٿان جا آهيو، سنڌ ۾ جيڪو ڪجهه ٿئي پيو توهان کي خبر آهي، جنهن جو هن کيس جواب پڻ ڏنو. قائم علي شاهه چيو ته واپارين ۽ صنعتڪارن جا مسئلا حل ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي پئي وڃي. قائم علي شاهه چيو ته ڪراچي ۾ امن امان، لياري ايڪسپريس وي، ڪــَي فور ۽ سيوريج نظام جَي منصوبن لاءِ وفاق پاران مالي سهڪار ڪرڻ جا واعدا ڪيا ويا پر اڃا تائين هڪ به واعدو وفا ناهي ڪيو ويو. هـُن چيو ته لياري ايڪسپريس وي منصوبي تي 16 ارب، ڪي فور تي 25 بلين ۽ سيوريج منصوبي تي 39 بلين رپيا خرچ ٿيندا پر وفاق پاران ڪو به سهڪار نه پيو ڪيو وڃي. وڏي وزير چيو ته بجلي بحران جو تعلق سڌو سنئون وفاق سان آهي پر وفاقي سرڪار اهو معاملو به حل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. مڪاني چونڊن بابت سوال جي جواب ۾ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته هـُو سنڌ ۾ خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان جهڙيون چونڊون نه ٿا ڪرائڻ چاهين،انڪري صوبي اندر ٽن مرحلن ۾ اليڪشن ڪرائي وڃي. سيد قائم علي شاهه چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت صوبي ۾ 20 سيپٽمبر تي ئي مڪاني چونڊون ڪرايون وينديون

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *