سنڌ ۾ انتها پسنداڻه رويا برداشٽ نه ڪيا ويندا: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارتي جي چيئرمين بلاول ڀتو زرداري سان بلاول هائوس ۾ سنڌ جي دانشورن انساني حقن جي نمائندن صحافين ليکڪن سماجي اڳواڻن اديبن ۽ تعليمي ماهرن جي هڪ وفد ملاقات ڪئي ۽ ان سان سنڌ ۾ وڌندڙ انتها پسندي ۽ مذهب جي مقدس نالي تي پکيڙي ويندڙ عدم رواداري تي ڳڻتي جو آظهار ڪيو ان ڏس ۾ وفد م شريڪ ٿيندڙن ننڍي کنڊ جي نالي واري اديب ۽ تخليق ڪار امر جليل جي هڪ پراڻي افساني تي غير ضروري ردعمل تي ڌيان ڇڪايو ۽ امر جليل کي مليل ڌمڪين تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ان موقعي تي سنڌ ۾ ترقي پسند اديبن، شاعرن ۽ دانشورن جي ٻين مسئلن تي به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي وفد ۾ نورالحديٰ شاهه، جامي چانڊيو، امر سنڌو، ڊاڪٽر ايوب  شيخ، ڊاڪٽر عرفان ملاح، رفيق چانڊيو، نذير لغاري، فاضل جميلي، ڊاڪٽر جعفر احمد، انيس هارون، احمد شاهه، ذڪيه اعجاز ۽ امداد چانڊيو شامل هئا پ پ چيئرمين بلاول ڀتو زرداري امر جليل بابت ٿيندڙ واقعي ۽ خاص ڪري انتهاپسنداڻي ماحول تي وفد ۾ شامل ماڻهن سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه کان پوءِ چيو ته ملڪ ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ انتها پسنداڻه رويا برداشٽ نه ڪيا ويندا ڪنهن به شهري يا ٽولي کي ڪڏهن به اها اجازت نه ڏني ويندي ته اهو قانون هٿ ۾ کڻي اجلاس ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد مرادعلي شاهه ۽ ثقافت وارو وزير سردار شاهه به شامل هو پ پ چيئرمين بلاول ڀتو زرداري سان سماجي ڪارڪنن ۽ دانشورن جي وفد اها درخواست ڪئي ته سوشل ميڊيا تي انتهاپسنداڻن بيانن جي تدارڪ لاءِ وفاقي حڪومت جي تحت سائبر ڪرائيم سيل سان رابطو ڪيو وڇي جڏهن ته پاڪستان پيپلزپارٽي ان ڏس ۾ پنهنجو هاڪاري ڪردار ادا ڪري پ پ چيئرمين بلاول ڀتو زرداري چيو ته مختلف فرقن جي انتظامي ادارن سان ڳالهين واري عمل کي هٿي ڏني ويندي ۽ ان ڏس ۾ سنڌ جي مذهبي معاملن واري وزارت فعال ڪردار ادا ڪندي ته جيئن عالمن ۽ ٻين دانش رکندڙن وچ ۾ صحتمند ڳالهين واري عمل کي هٿي ڏياري سگهجي بلاول ڀتو زرداري چيو ته سنڌ مذهبي رواداري ۽ صوفي روايتن جي مالڪ ڌرتي آهي سنڌ مان امن جو پيغام سڄي دنيا ۾ پکڙيو هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جو حقيقي تشخص هتان جي سماجي جي روادار هجڻ آهي ۽ ان تشخص کي هر حال ۾ برقرار رکيو ويندو پ پ چيئرمين بلاول ڀتو زرداري سان پاڪستان پيپلزپرٽِ پارليمامينٽرينز جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات ۽ قومي اسيمبلي ميمبر شازيه مري ۽ چيئرمين بلاول ڀتو زرداري جو پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل سومرو به موجود هو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *