سنڌ ۾ استاد تنظيمن تي پابندي جي منظوري، عارضي طور پوليو مهم ملتوي ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ استاد تنظيمن تي پابندي جي منظوري ڏني وئي.تفصيل مطابق سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وڏي وزير سوڌو ٻين اعليٰ اختيارين به شرڪت ڪئي. اجلاس دوران استاد تنظيمن تي پابندي جي منظوري ڏني وئي. ان کانسواءِ تعليمي کاتي کي لازمي خدمت جو درجو ڏيڻ جو فيصلو به ڪيو ويو. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جو چوڻ هو ته تعليمي کاتي مان گوسڙو ملازمن جو خاتمو ڪيو ويندو، ته جئين بهتر تعليم کي هٿي ڏئي سگهجي. ٻئي طرف سنڌ حڪومت حفاظتي انتظام نه ٿيڻ ڪري پوليو مهم عارضي طور بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي چيو آهي ته مڪاني چونڊن سبب پوليس اهلڪارن جي کوٽ ٿيڻ ڪري پوليو مهم لاءِ حفاظتي انتظام نٿا ڪري سگھجن..وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ پوليو جي روڪٿام واري پروگرام جو جائزو ورتو ويو..اجلاس ۾ پوليو جي روڪٿام واري پروگرام جي چيئرپرسن عذرا فضل پيچوهو، سنڌ جي چيف سيڪريٽري صديق ميمڻ ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي..اجلاس کي آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته مڪاني چونڊن سبب پوليس اهلڪارن جي کوٽ پيدا ٿي آهي، جنهنڪري پوليو مهم لاءِ حفاظتي انتظام نٿا ڪري سگھجن..جنهن تي ملڻ سبب عذرا فضل پيچوهو چيو ته جيستائين پوليو ٽيمن جي حفاظت لاءِ انتظام نٿا ڪري سگھجن، تيستائين مهم نٿي هلائي سگھجي..اجلاس دوران پوليو مهم عارضي طور بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته وڏي وزير سيد قائم علي شاهه هدايت ڪئي ته مڪاني ادارن جي چونڊن سان گڏوگڏ پوليو مهم لاءِ 3 هزار اهلڪارن جو بندو بست ڪيو وڃي، جنهن لاءِ وي وي آءِ پيز کي سيڪيورٽي لاءِ ڏنل اهلڪار واپس گهرايا وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *