سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن لاءِ 42 ڪروڙ بيلٽ پيپرن جي ڇپائي جو ڪم پرنٽنگ ڪارپوريشن حوالي

اسلام آباد (بيورو) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پنجاب ۽ سنڌ ۾ 20 سيپٽمبر تي ٿيندڙ مڪاني چونڊن لاءِ 42 ڪروڙ بيلٽ پيپرن جي ڇپائي وارو ڪم پرنٽنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان کي سونپي ڇڏيو آهي. اربع ڏينهن سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن شير افگن صحافين کي ٻڌايو ته پرنٽنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان مقرر مدي ۾ بيلٽ پيپرن جي ڇپائي مڪمل ڪرڻ لاءِ 40 نيون مشينون خريد ڪندي. هن چيو ته سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن، ڊائريڪٽر پوسٽ  آفيس، ايڊيشنل سيڪريٽري ڪابينه ڊويزن، ايم ڊي پرنٽنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان ۽ ڊي جي بجيٽ تي ٻڌل 5 رڪني ٽيم جوڙي وئي آهي. جيڪا ڇپائي واري عمل جي نگراني ڪندي. سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن چيو ته مڪاني چونڊن جو شيڊيول 28 جولاءِ تي جاري ڪيو ويندو. ۽ اميدوارن جي قطعي فهرست 24 آگسٽ تي جاري ٿيندي. خيبر پختونخواه، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ مڪاني چونڊن لاءِ مجموعي طور 52 ڪروڙ بيلٽ پيپر ڇاپيا ويندا جن ۾ پنجاب ۽ سنڌ جي ڇپجندڙ بيلٽ پيپرن جو تعداد 42 ڪروڙ ۽ ڪي پي ڪي لاءِ 10 ڪروڙ هوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *