سنڌ ۽ پنجاب جي چونڊيل بلدياتي نمائندن حلف کڻي ورتو

لاهور/ڪراچي/حيدرآباد/لاڙڪاڻو(نمائندن وٽان) سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف شهرن ۾ چونڊيل بلدياتي نمائندن حلف کڻي ورتو، پنجاب ۾ راولپنڊي، منڊي بهاوالدين، ڊيره غازي خان ۾ چونڊيل بلدياتي ميمبرن حلف کنيو، سنڌ جي شهرن ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، ميرپو ماٿلو، سانگهڙ، بدين، ٽٺو، جيڪب آباد ۾حلف برداري تقريبون ٿيون، ضلعي راولپنڊي ۾ 2298 نون چونڊيل ميمبرن حلف کنيو، ڪراچي جي 6 ضلعن ۾ 245 يونين ڪائونسلز ۽ يونين ڪميٽين ۾ چونڊيل نمائندن حلف کڻي ورتو، ڪراچي  ۾ هڪ ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن، 6 ميونسپل  ڪارپوريشن  ۽ هڪ ضلعي ڪائونسل جي چونڊيل نمائندن حلف کڻي ورتو آهي، ڪراچي اولهه،  ملير، ڪورنگي ۽ ڪراچي ڏکڻ ميونسپل ڪارپوريشن جي نمائندن حلف کڻي ورتو آهي. ڪراچي ڏکڻ ميونسپل ڪارپوريشن جي چونڊيل نمائندن کي حلف کڻائڻ جي تقريب اسڪائوٽس آڊيٽوريم ۾ ٿي ، جنهن دوران ايڊيشنل سيشن جج سڪندر پنهور نمائندن کي حلف کڻايو. ڏکڻ ميونسپل ڪارپوريشن جي 31 چيئرمين، 31 وائيس چيئرمين ۽ 124 ڪائونسلرز حلف کڻي ورتو آهي، ڏکڻ ضلعي مان پ پ جي 9 چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين حلف کنيو آهي. ڏکڻ مان ايم ڪيو ايم  جي11 چيئرمين ۽ وائس چيئرمين،تحريڪ انصاف جي 2 چيئرمين ۽ وائس چيئرمين به حلف کنيو. اسڪائوٽس آڊيٽوريم ۾ گنجائش گهٽ هئڻ سبب چونڊيل نمائندن ٻن مرحلن ۾ حلف کنيو. ڪراچي اولهه ميونسپل ڪارپوريشن جي 276 چونڊيل نمائندن حلف کڻي ورتو آهي، جنهن ۾ ايم ڪيو ايم، پ پ  ۽ ٻين پارٽين جا نمائندا شامل آهن. ڪورنگي ميونسپل ڪارپوريشن جي 222 نمائندن به حلف کڻي ورتو آهي،جن کي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج حلف کڻايو آهي. ملير ضلعي ڪائونسل جي 36ميمبرز، يوسي چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ ڪائونسلرز حلف کڻي ورتو آهي،جن کي ملير جي سول جج نادر علي بڙدي حلف کڻايو آهي. مڪاني چونڊن دوران ڪامياب ٿيل نمائندن جون حلف برداري واريون تقريبون ٿيو آهن، سڄي سنڌ ۾ چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ ڪائونسلرز کان عهدن جون حلف ورتو ويو آهي.. ڄامشوري ضلعي ۾ مڪاني چونڊن دوران 26 يوسيز، ٽن ٽائون ڪميٽين ۽ ٻن ميونسپل ڪاميٽين تي ڪاميابي ماڻيندڙ 2 سئو 36 نمائندن جي حلف برداري واري تقريب ڊي سي آفيس ۾ منعقد ڪئي وئي، جتي نمائيندن کان حلف ورتو ويو. ٺٽي جي ضلعي ڪائونسل حال 37 چئيرمين ۽ وائيس چئيرمين، جڏهن ته هڪ سئو 59 ڪائونسلر ۽ 32 ٽائون ڪميٽي جي نمائندن کان سول جج غضنفر عباس ۽ اسلم ڪلهوڙي حلف کڻايو. ميرپورخاص جي ڀٽائي ڪلچر حال ۾ ايڊيشنل سيشن جج عبدالحڪيم 26 يونين ڪائونسل ۽ چئن ٽائون ڪاميٽين جي نمائندن کان حلف ورتو. ڪنڌڪوٽ ۾ ايڊيشنل سيشن جج محمد ابراهيم سومرو ضلعي ڪامپليڪس ۾ ڪنڌڪوٽ تعلقي جي 10 يونين ڪائونسل جي ميمبرن، چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين سميت ميونسيپل ڪاميٽي ڪنڌڪوٽ ۽ ٽائون ڪاميٽي غوثپور جي 96 ميمبرن کان حلف کڻايو. نوابشاهه ۾ ٿرڊ ايڊشنل سيشن جج منظور ميمڻ ۽ سيڪنڊ سينئر سول جج رجب علي شر 58 يوسيز جي چيئرمين، وائس چيئرمين، ضلعي ڪائونسل جي ميمبرن ۽ جنرل ڪائونسلرن سميت 4 سئو 6 نمائندن کان حلف کڻايو.. بدين ۾ ضلعي ۾ ڪامياب ٿيل اميدوارن جي حلف برادري تقريب جيم خانه ۾ منعقد ڪئي وئي، تقريب ۾ ڪامياب ٿيل 50 نمائندن حلف کنيو.. جيڪب آباد ضلعي ڪائونسل جي 44 ميمبرن، 22 يونين ڪائونسلن جي چيئرمينن ۽ وائيس چيئرمينن کان حلف ورتو ويو. لاڙڪاڻي ۾ چونڊيل نمائندا جي حلف برداري تقريب ٿي، تقريب ۾ باڊهه جي 14، ڏوڪري جي 5 ٽائون ڪميٽين کان ٿرڊ سول جج ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ ظفرالله جمالي حلف کڻايو. سکر جي 26 چيئرمينن سميت 419 نمائندن کي به حلف کڻايو ويو. ميهڙ جي 20 يوسين ، 1 ميونسپل ڪاميٽي ، 2 ٽائون ڪاميٽي ، 20 ضلعي ڪائونسلرن سميت 166 ميمبرن حلف کڻي ورتو جڏهن ته ٻن ميمبرن جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿي سگهيو خبر موجب گورنمينٽ هاءِ اسڪول ون ميهڙ ۾ مڪاني چونڊن جي ڪامياب ڪائونسلرن جي حلف برداري جي تقريب ٿي ڪامياب ڪائونسلرن کي ايڊيشنل سيشن جج ميهڙ غلام ياسين ڪولاچي حلف کڻايو حلف برداري تقريب ۾ ميهڙ تعلقي جي 20 يوسين ، 1 ميونسپل ڪاميٽي ، 2 ٽائون ڪاميٽي ۽ 20 ضلعي ڪائونسلرن سميت 166 ميمبرن حلف کنيو جڏهن ته ٻن ڪائونسلرن جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيڻ سبب حلف نه کڻي سگهيا حلف برداري تقريب کانپوءِ ڪامياب ڪائونسلرن کي حلف کڻڻ کانپوءِ پنهنجي پارٽي اڳواڻن ۽ ورڪرن مبارڪباد ڏني ۽ گلن جا هار پارايا جڏهن ته حلف کڻندڙن ۾ صوبائي صلاحڪار جو ڀاءُ امتياز پاشا ٻٽ ، شير محمد چانڊيو ، سردار اشرف سولنگي ، شير افضل جانوري ، قاضي عبدالحميد مهيسر ، انجنيئر خالق ڏنو ميراڻي ، امتياز خان مهيسر ، گلزار جهتيال ۽ عوامي اتحاد پارٽي جي نياز علي ٻرڙو ، سيد الطاف شاه ، پ پ ش ڀ جي عبدالستار چنه ۽ ٻيا شامل هئا. حيدرآباد ضلعي جي ميونسپل ڪاميٽي قاسم آباد جي 26 وارڊن تي بلدياتي چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ جنرل ڪائونسلرن جي حلف برداري تقريب خميس ڏينهن سنڌ ميوزم ٿي گذري. حلف برادري تقريب کي خطاب ڪندي ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر حيدرآباد امتياز علي ڪلهوڙو چيو ته 2015 چونڊن جو سال هو جنهن ۾ سڀ کان پهرين بلوچستان پوءِ خيبر پختونخواهه پوءِ ڪنٽونمينٽ بورڊز جنهن بعد وفاقي گادي واري شهر ۽ آخر ۾ سنڌ ۽ پنجاب ۾ بلدياتي چونڊون ڪرايون ويون، هن چيو ته سنڌ ۾ بلدياتي چونڊن وارو مرحلو پڄاڻي ويجهو آهي ۽ ايندڙ هڪ ٻن ڏينهن ۾ مخصوص سيٽن لاءِ شيڊول جاري ڪيو ويندو، هن چيو ته هو سمورن ادارن جو ٿورائتو آهي جن بلدياتي چونڊن ۾ اليڪشن ڪميشن سان مڪمل سهڪار ڪيو ۽ اهي چونڊون پرامن ماحول ۾ صاف شفاف طريقي سان پنهنجي پڄاڻي تي پهتيون، هن چيو ته اڄ جيڪي چونڊيل ميمبر حلف کڻي رهيا آهن انهن جو فرض بڻجي ٿو ته اهي عوامي ووٽ جي حق نڀائيندي عوامي خدمت جو وچن ڪن. ان موقعي تي سڪينڊ ايڊيشنل سيشن جج قمرالدين عباسي چيو ته هو چونڊيل ميمبر کي مبارڪون ڏئي ٿو جن کي عوام ووٽ ڏئي عوامي خدمت جهڙي مقدس ڪم لاءِ چونڊيو آهي اميد آهي ته اهي عوامي خدمت سان گڏ پنهنجيون ذميواريون بهتر نموني نڀائيندا. آخر ۾ سڪينڊ ايڊيشنل سيشن جج قمرالدين عباسي چونڊيل ميمبر کان حلف کڻايو. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر قاسم آباد لعل ڏنو منگي پڻ اتي موجود هيو. حلف برداري تقريب جي موقعي تي سنڌ ميوزم ٻاهران سيڪورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *