سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف جيلن ۾ موت جي سزا ٻڌايل 12 قيدين کي ڦاهي ڏني وئي

راولپنڊي (م.د) راولپنڊي سميت ملڪ جي 7 مختلف جيلن ۾ گذريل ڏينهن صبح جو سوير موت جي سزا جي 11 ڏوهارين کي ڦاهي ڏني وئي. پي ٽي وي جي رپورٽ موجب اڱاري جي صبح ڪراچي سينٽرل جيل ۾ قتل جي ٻن ڏوهارين فيصل ۽ افضال کي ڦاهي ڏني وئي. ٻنهي ڏوهارين 1998ع ۾ ڪورنگي ۾ ڌاڙي دوران مزاحمت تي عبدالجبار نالي شخص کي قتل ڪري ڇڏيو هو. فيصل ۽ افغال کي دهشتگردي جي روڪٿام واري عدالت 1999ع ۾ موت جي سزا ٻڌائي هئي. ٻنهي ڏوهارين جي رحم جون اپيلون سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ رد ڪري ڇڏيون هيون جنهن کان پوءِ پاڪستان جي صدر پڻ رحم جون اپيلون رد ڪري ڇڏيون هيون. ڦاهي کان اڳ ٻنهي ڏوهارين جي سندن ڪٽنب ڀاتين سان ملاقات پڻ ڪرائي وئي. جهنگ ڊسٽرڪٽ جيل ۾ موت جي سزا جي ٻن ڏوهارين کي ڦاهي ڏني وئي، محمد رياض، مبشر ۽ محمد شريف قتل ۽ ڌاڙي جي وارداتن ۾ ملوث هئا. راولپنڊي ۾ موت جي سزا جي ٻن ڏوهارين کي ڦاهي ڏني وئي، نديم زمان ۽ محمد جاويد جا لاش ڦاهي کان پوءِ وارثن هوالي ڪيا ويا. گجرانوالا سينٽرل جيل ۾ قتل جي هڪ ڏوهاري محمد اقبال کي ڦاهي ڏني وئي جنهن 19 سال اڳ پنهنجي زال جي هڪ مائٽ کي قتل ڪيو هو. فيصل آباد سينٽرل جيل ۾ پڻ موت جي سزا مليل قيدي محمد نواز کي ڦاهي ڏني وئي. محمد نواز 1992ع ۾ پاڻي جي تڪرار تي ٻن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو هو. ميانوالي سينٽرل جيل ۾ موت جي سزا مليل ٻن قيدين کي ڦاهي ڏني وئي. سرگوڌا سان تعلق رکندڙ ربنواز ۽ ظفر اقبال جي رحم جون اپيلون پڻ رد ٿي چڪيون هيون. ربنواز 2000ع ۾ پنهنجي مائٽ فاطما ۽ ظفر اقبال 2003ع ۾ پنهنجي والد کي قتل ڪيو هو. ڦاهي کان پوءِ سمورا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا آهن. اي پي پي/ ص – ب/ ج – پ 13:00

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *