سنڌ ڪجهه سالن ۾ گئس ڏيڻ بدران گهرائڻ وارو صوبو بڻجي ويندو: وفاقي حڪومت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته سنڌ ڪجهه سالن ۾ گئس ڏيڻ بدران گهرائڻ وارو صوبو بڻجي ويندو، قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي وفاقي وزير حماد اظهر چيو ته پارليامان ۾ انهن کي جواب ڏيڻ چاهيان ٿو، اهي روز ٽي وي تي ويهي چئلينج ڪندا رهندا آهن، جڏهن  معيشت تي دليل ختم ٿي وڃن ته اهي ستين جماعت جي مطالعه پاڪستان تي ليڪچر شروع ڪري ڇڏين ٿا، حماد اظهر چيو ته انهن ۾ جواب ٻڌڻ جو حوصلو نه آهي، 5.4 سيڪڙو گروٿ ريٽ تي ساڍا 7ارب ڊالر جو قرض ورتو ويو،  ن ليگ 5.4 سيڪڙو گروٿ لاءِ ملڪ جو ڏيوالو ڪري ڇڏيو، گئس جي کوٽ بابت ڳالهائيندي حماد اظهر چيو ته انڊسٽري جي طرف گئس ڪاٽڻ تي اسٽي آرڊر ورتو ويو، 100 ايم ايم سي ايف ڊي گئس انڊسٽري کان ڪراچي کي سياري ۾ ڏني ويندي آهي، حماد اظهر چيو ته اسٽي آرڊر ختم ٿي وڃي ته ڪراچي ۾ گئس سپلاءِ بهتر ٿي ويندي، سنڌ هاءِ ڪورٽ کي درخواست آهي ته اسٽي آرڊر ختم ڪيو وڃي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *