سنڌ ڪابينا ۾ ڦير ڦار جي ترديد، ڪابينا مڪمل ناهي، تبديلي جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي: مراد علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبائي ڪابينا ۾ ڦيرڦار ڪرڻ واري تاثر کي غلط قرار ڏيندي چيو ته کيس ڪابينا اڃان تائين مڪمل نه آهي، جڏهن اها مڪمل ٿيندي ته انهيءَ ۾ تبديلي ممڪن ٿي سگهي ٿي. اها ڳالهه هن جمعي ڏينهن انڊس اپستال جي پيڊياٽرڪ ڪمپليڪس جي افتتاحي تقريب کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي. ان دوري ۾ اطلاعات وارو صلاحڪار مرتضيٰ وهاب پڻ کيس گڏ هو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪابينا ۾ هيرڦار ڪرڻ جي ڪابه تجويز غور هيٺ نه آهي. وڌيڪ چيو ته منهنجي ڪابينا اڃان تائين مڪمل نه آهي تنهن ڪري تبديلي جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي، جيستائين وزير ڪابينا جو حصو بڻجي وڃن پوءِ تبديلي ڪري سگهجي ٿي. سنڌ جي ورهاڱي بابت گورنر سنڌ جي بيان تي هڪ سوال جو جواب ڏيندي چيو ته اهو هڪ ناقابل يقين بيان آهي ۽ ان کي اهڙو بيان ڏيڻ نه گهرجي ها. هڪ سوال جو جواب ڏيندي وڏي وزير چيو ته ڪراچي بابت سپريم ڪورٽ جو حڪمنامو پڙهيو نه آهي جنهن ۾ حددخلين جي خاتمي بابت چيو ويو آهي. هن چيو ته هڪ نيوز چينل جي ٽڪرن مان خبر پئي آهي. آرڊرز ايندا ته آئون انهيءَ تي تبصرو ڪرڻ جي حيثيت رکان ٿو. وڏي وزر چيو ته سنڌ سالڊ ويسٽ مينجمنٽ اٿارٽي (ايس ايس ڊبليو ايم اي) جي ڏکڻ ۽ اوڀر ضلعن ۾ صفائي سٿرائي واري ڪم کي بهتر بڻائڻ لاءِ واضح هدايتون ڏنيون آهن. هن چيو ته آئون ملير ۾ صفائي سٿرائي واري ڪم سان مطمعن نه آهيان، تنهن ڪري اتي ڪم ڪندڙ ٺيڪيدار ڪمپنين کي نوٽيس ڏنا آهن. ميون، ڀاڄين ۽ ٻين روزمره جي شين جي اگهن ۾ واڌ بابت وڏي وزير چيو ته هن ڊويزنل انتظاميا کي متحرڪ ڪيو آهي. ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنرز ۽ ٻيا عملدارن کائڻ پيئڻ جي شين کي جانچڻ ۽ قيمت ڪنٽرول کي لاڳو ڪرڻ لاءِ روڊن تي موجود آهن. هن چيو ته اڄ ٽيون روزو آهي ۽ ٽن ڏينهن اندر ڪمشنر دڪانن ۽ هٿرادو اگهن ۾ واڌ ڪرڻ وارن اسٽال مالڪن کان 6 ملين رپيا وصول ڪيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته مختلف سببن، پاليسين ۽ نااهلي سبب قيمتن ۾ واڌ ٿي آهي جنهن تي هن چيو ته هو مناسب وقت ڏسي ڳالهه ڪندو.

انڊس اسپتال:

پيڊياٽرڪ ڪمپليڪس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته انڊس اسپتال لاءِ منهنجي دل ۾ هڪ خاص جاءِ آهي جيڪا پاڪستان جي صحت جي سارسنڀال واري نظام ۾ قيمتي حصو رکي ٿي. هن چيو ته بدين ۾ اسان جي ضلعي اسپتال کي انڊس هلائي رهيو آهي جتي بهتريم ڪم ٿي رهيو آهي. هن چيو ته حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ مشڪل آهي پر انهيءَ باوجود انڊس جي ورڪنگ ڏينهون ڏينهن بهتر ٿي هي آهي، آئون هميشه سٺي صحت جي سهولتن لاءِ انڊس سان گڏ آهيان. هن چيو ته آئون گهڻي ڀاڱي نيچر فارورڊ لوڪنگ آهيان جيڪو وعدو ڪريان ٿو الله پاڪ انهيءَ کي پورو ڪندو آهي. مراد علي شاهه چيو ته اڄ ڪلهه صوبي جي مالي صورتحال چڱي نه آهي، انهيءَ باوجود اسان اوهان کي 1000 بسترن جو اسپتال تعمير ڪرڻ ۾ اوهانجي مدد ڪنداسين. وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ٻارن ۾ ڪينسر جي سڃاڻپ ٿي وڃي ته اهو قابل علاج ٿي وڃي ٿو، انهيءَ لاءِ اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته شروعاتي سڃاڻپ واري نظام کي ترقي ڏني وڃي. هن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته نجي شعبي ۾ اسان جو گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ سائنسز هڪ سٺي سهولت آھي جتي افغانستان مان بھ مريض ايندا آھن ۽ اسان ڳوٺاڻي علائقن ۾ آنڪلوجي سھولتون بھ پيدا ڪري رھيا آھيون. ھن چيو تھ اسان جا وسيلا جيئن وڌندا ويندا اسان صحت جي سھولتن ۾ سيڙپڪاري ڪنداسين، ھن سال اين آئي سي وي ڊي 13 ارب رپيا بجيٽ ڊيمانڊ آھي ۽ جڏھن اسان اين آئي سي وي ڊي ورتي ھئي تھ انھيءَ جو 700 ملين رپيا بجيٽ ھو. مراد علي شاھھ چيو تھ ڊاڪٽر اديب رضوي ايترو سٺو ڪم ڪندو آھي تھ انکي فنڊ ڏيان ٿو ڇوتھ مونکي فنڊز جي غلط استعمال جو ڊپ نھ ھوندو آھي. پنھنجي خطاب ۾ ھن سول سوسائٽي کان گھر ڪئي تھ جيڪڏھن سول سوسائٽي اسان سان گڏجي ڪم ڪندي اسان بھترين ڪم ڪري سگھون ٿا. 150 بستر تي ٻڌل انڊس اسپتال 2007 ۾ شروع ٿيو جنھن ۾ ھر مريض کي جديد رياستي، گڏيل صحت جي سارسنڀال جي سھولت بلڪل مفت ۾ معياري علاج ڏنو ويندو آھي. ڪم جي گنجائش ۾ واڌ کانپوءِ انڊس اسپتال کي سنڌ ھيلٿ نيٽورڪ (آئي ايڇ اين) ۾ تبديل ڪيو ويو آھي. نيٽورڪ سڄي پاڪستان ۾ مختلف عوامي ۽ نجي اسپتالن جي ترقي ۽ انتظام تي توجھ مرڪوز ڪيل آھي. نيٽورڪ ملڪ ۾ مليريا، ايڊز ۽ ٽي بي جي آئوٽ پلي پروگرام بھ ڪري رھيو آھي.

انھيءَ کان پھرين وڏي وزير انڊس اسپتال جو دورو ڪيو، وڏي وزير جي پھچڻ تي اسپتال جي اڳواڻ ڊاڪٽر عبدالباري کيس استقبال ڪيو. وڏي وزير پيڊياٽرڪ ڪمپليڪس جو افتتاح ڪيو. وڏي وزير ٻارن جي مختلف وارڊن ۾ ويو ۽ ڊاڪٽرن کي ٻارن جي علاج بابت ڄاڻ ورتي. ھن ٻارن جي ڊاڪٽرن کي ھدايت ڪئي تھ اھو ٻارن جي بھتر علاج سان گڏ کيس خوراڪ جو پڻ خيال رکن. ھن اسپتال ۾ صفائي سٿرائي کي پڻ يقيني بڻائڻ جي ھدايت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *