سنڌ ڪابينا ۾ تبديلي پارٽي ۽ حڪومت جو اختيار آهي، عشرت العباد جون سياست ۾ اچڻ جون ڳالهيون وقت کان اڳ هونديون: نثار کهڙو

ڪراچي (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر ۽ سنڌ جي سينيئر وزير نثار احمد کهڙو چيو آهي ته سنڌ ڪابينا ۾ تبديلي ٿيندي رهندي آهي ۽ ڪابينا ۾ تبديلي پارٽي ۽ حڪومت جو اختيار آهي. آئيني طورعشرت العباد گورنر جي عهدي تان هٽڻ کان پوءِ ٻن سالن تائين سياست ۾ حصو نه ٿو وٺي سگهي ان لاءِ في الحال سندس سياست ۾ اچڻ جون ڳالهيون وقت کان اڳ جون آهن، ٻن سالن جي پابندي ختم ٿيڻ کان پوءِ عشرت العباد سياست ۾حصو وٺندو يا نه اها پوءِ ئي خبر پئجي سگهندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس ڏينهن ڪراچيءَ جي مقامي هوٽل ۾ ڪنزيومر فوڊ سيفٽي اينڊ ڪوالٽي ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. نثار احمد کهڙو چيو ته گورنر کي مقرر ڪرڻ ۽ هٽائڻ وفاقي حڪومت جو اختيار آهي پر عشرت العباد کي گورنر جي عهدي تان هٽائڻ بابت وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت کي اعتماد ۾ وٺي ها ته ان ۾ ڪا به قباهت نه هئي پر وفاق پاران اعتماد ۾ نه ورتو ويو ۽ اوچتو گورنر کي هٽائڻ جو عمل ڪجهه ماڻهن کي عجيب پڻ لڳو آهي.هن چيو ته عشرت العباد تي ڪو به نئون ڪيس داخل نه ٿيو آهي ان لاءِ سندس نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جون ڳالهيون مناسب نه آهن. تقريب کي خطاب ڪندي نثار احمد کهڙو چيو ته سنڌ ڪابينا سنڌ فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي بل جي منظوري ڌئي ڇڏي آهي ۽ ان بل کي سومر کان شروع ٿيندڙ سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ ڪنهن به ڏينهن منظوريءَ لاءِ پيش ڪيو ويندو. هن چيو ته بل جي منظوريءَ کان پوءِ اهو قانون بڻجي ويندو ۽ اٿارٽي صوبي ۾ کاڌي پيتي جي شين جي چڪاس ۽ ڪنٽرول ڪندي ۽ ڪنزيومر کي پڻ تحفظ ملندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *