سنڌ ڪابينا ۾ اختلاف، خورشيد شاهه ميدان ۾ لهي پيو، وڏي وزير سان ملاقات

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي قيادت پاران سنڌ ڪابينا ۾ ڦيرڦار ڪرڻ کانپوءِ صوبائي ڪابينا بدترين اختلافن جي ور چڙهي وئي آهي، جنهن سبب حڪومتي ڪارونهوار ٺپ ٿي ويو، قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ سيد خورشيد شاهه ٽياڪڙي ڪرڻ لاءِ ميدان تي لهي پيو آهي. قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه ڪراچي پهچي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ٻوڏ واري صورتحال ۽ سنڌ ڪابينا ۾ ڦيرڦار کانپوءِ ڪابينا ميمبرن ۾ پيدا ٿيل اختلاف نبيرڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وڏي وزير قائم علي شاهه سنڌ ڪابينا ۾ اختلاف رکندڙ صوبائي وزيرن مير هزار خان بجاراڻي،شرجيل ميمڻ ۽ ٻين کي پرچائڻ لاءِ خورشيد شاهه کي ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو. ان ڏس ۾ معلوم ٿيو آهي ته سيد خورشيد شاهه مير هزار خان بجاراڻي ۽ ٻين سان رابطا ۽ ملاقاتون ڪري خدشا ختم ڪندو. هوڏانهن، صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ساڳيا کاتا مڪاني ۽ سڌ سماءَ وارن کاتن جا قلمدان حاصل ڪرڻ لا هڪ هفتي کان لنڊن ۾ ديرو ڄمائي ڇڏيو آهي. ساڳي ريت قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ سيد خورشيد شاهه مڪاني ادارن واري کاتي جي وزير سيد ناصر شاهه کان کاتو واپس وٺڻ تي انڪاري بيٺل آهي. صوبائي وزير مير هزار خان بجاراڻي تعليم کاتو وٺڻ بدران ساڳيو ورڪس ۽ سروسز کاتو حاصل ڪرڻ تي بضد آهي. اهڙي ريت نثار احمد کهڙو آبپاشي ۽ سڌ سماءُ کاتا واپس ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي. ٻئي پاسي، سنڌ ڪابينا ۾ زڪوات ۽ عشر کاتي جي وزير دوست محمد راهمون کي وڏي وزير جو سينئر صلاحڪار بڻائڻ باوجود ڪابينا ۾ اسٽيٽس نه ملڻ سبب هن وڏي وزير سان ملاقات لاءِ وقت گهريو ۽ ملاقات لاءِ وقت نه ملڻ سبب هو واپس پنهنجي تڪ ۾ پهچي ويو آهي. سنڌ ڪابينا جا وزير اختلافن جي ور چڙهڻ سبب حڪومتي ڪارونهوار هڪ هفتي کان ٺپ ٿي ويو آهي ۽ لاڳاپيل وزيرن جون آفيسون ويران پيل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *