سنڌ ڪابينا يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس لاءِ 1200 انٽرنز ڀرتي ڪرڻ جي منظور ڏئي ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي ڪابينا جو اجلاس خميس تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ صوبائي پوليس ۾ رينڪ لاءِ ڀرتين واري قانون سميت 26 ايجنڊا/آئٽم غور هيٺ آيا جنهن ۾ صوبائي پوليس ڪيڊر ٺاهڻ لاءِ سروس، سرچ ڪميٽي بل ۽ ٻيا شامل هئا. اجلاس ۾ سمورا صوبائي وزير، صلاحڪار، خاص مددگار، قائم مقام چيف سيڪريٽري قاضي شاهد پرويز ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. پوليس لاءِ ڀرتين وارو قانون: گهرو کاتي ڪابينا کي پريزينٽيشن ڏيندي چيو ته هن سنڌ پوليس ۾ سينئر رينڪ (سپريٽينڊنٽ آف پوليس گريڊ 18 کان ايڊيشنل آئي جي پوليس گريڊ 21 لاءِ ڀرتي واري قانون جو مسودو تيار ڪيو آهي. انسپيڪٽر جنرل آف پوليس جي رينڪ کان هيٺ سينئر رينڪ جي عهدن تي مقرري سنڌ سول سرونٽ ايڪٽ 173 تحت جوڙيل لاڳاپيل ڀرتي قانون موجب ڪئي ويندي. گريڊ 18 کان گريڊ 21 تائين مختلف سيٽن لاءِ ڄاڻايل ڀرتين وارو قانون هيٺ ڏجي ٿو: ايڊيشنل آئي جي پوليس گريڊ 21: ڊي آئي جيز گريڊ 20 مان ترقي ذريعي جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 22 سال جي سروس گريڊ 17 ۽ ان کان مٿي جي لاءِ آهي، گڏوگڏ گريڊ 20 ۾ ٽي سال سينيارٽي ۽ فٽنس جي بنيادن تي. ڊي آئي جي پوليس گريڊ 20: سينئر سپرنٽينڊنٽس آف پوليس / اي آءِ جي پوليس گريڊ 19 مان ترقي ذريعي گريڊ 17 ۽ ان کان مٿي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 17 سال جي سروس، گڏوگڏ گريڊ 19 ۾ ٽي سال سينيارٽي ۽ فٽنس جي بنيادن تي. ايس ايس پي /اي آءِ جي گريڊ 19: پوليس سپرينٽينڊنٽس گريڊ 18 ۾ ترقي ذريعي جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 12 سال جي سروس گريڊ 17 ۽ ان کان مٿي آهي، گڏوگڏ گريڊ 18 ۾ ٽي سال سينيارٽي ۽ فٽيننس جي بنيادن تي. ايس پي/ اي ڊي آءِ جي پوليس گريڊ 18: ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ آف پوليس گريڊ 17 مان ترقي ذريعي جنهن جي گهٽ ۾ گهٽ پنج سالن جي سروس سينيارٽي ۽ فٽننس جي بنيادن تي ٿيندي. ايس پي/ اي ڊي آءِ جي پوليس (ليگل) گريڊ 19: پراسيڪيوٽنگ ڊپٽي سپرينٽنڊنٽ آف پوليس گريڊ 17 مان ترقي ذريعي جنهن لاءِ  گهٽ ۾ گهٽ پنج سالن جي سروس سينيارٽي ۽ فٽننس جي بنياد تي ٿيندي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته آئين ۽ پي ايس پي رولز 1985 ۾ صوبائي حڪومت کي سبجيڪٽ ريڪروٽمنٽ رولز بڻائڻ لاءِ نه روڪيو ويو ۽ نه ئي وفاقي حڪومت مان ڪنهن قسم جي منظوري جو مشورو ڏيندا آهن. پوليسنگ يا پوليس سروس جو معاملو وفاقي قانون سازي جي فهرست ۾ شامل نه آهي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ 2016-09-17 تي CP نمبر D-7097/2016 ۽ No.D-131/2017 ۾ پوليس جي قانون سازي جي اهليت کي خاص طور تي صوبائي ڊومين قرار ڏنو آهي. ۽ ان کي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ فائنل شڪل ڏني وئي. تجويز موجب، ڄاڻايل قانون تحت ايس پي گريڊ 18 جي عهدي وارن اهل آفيسرن کي سنڌ پوليس ۾ ايس ايس پي/اي آءِ جي پوليس گريڊ 19 جي عهدن تي ترقي ڏئي سگهجي ٿي ۽ انهن کي PSP آفيسرن جاءِ تي ڄاڻايل عهدي تي مقرر ڪيو ويندو. پوءِ آهستي آهستي سنڌ پوليس سروس جا اهي آفيسر گريڊ 20 وارا ڊي آءِ جي پوليس جي اهل ٿي ويندا ته انهن کي قانون موجب PSP جي آفيسرن واري جاءِ تي ترقي ڏئي سگهجي ٿي. ڪابينا مڪمل غور ويچار کانپوءِ توانائي واري وزير امتياز شيخ جي اڳواڻي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن جي ميمبرن ۾ وزير صنعت اڪرام الله ڌاريجو، قانون وارو صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، ايڊووڪيٽ جنرل ، چيف سيڪريٽري، اي سي ايس گهرو کاتو ۽ ڄاڻايل قانون جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪوبه شريڪ ميمبر شامل آهي. ڪميٽي آئيني شقن تي غور ڪندي ۽ هڪ مهيني ۾ پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي. سرچ ڪميٽي ايڪٽ: صوبائي ڪابينا سنڌ جي خانگي شعبي ۾ يونيورسٽين ۾ يونيورسٽين جي وائس چانسلرز ۽ ٻين آفيسرن جي مقرري لاءِ سرچ ڪميٽي ايڪٽ 2021 تي بحث ڪئي ۽ ان جي منظوري ڏني. هيءَ ڪميٽي وڏي وزير پاران جوڙي وئي آهي جنهن ۾ چيئرمين سنڌ هائر ايجوڪيشن ڪمشنر، سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊز، سيڪريٽري ڪالج ايجوڪيشن، يونيورسٽي جي لاڳاپيل ڪيٽيگرين منجهان ٻه شريڪ ميمبر هوندا جنهن کي حڪومت پاران چيئرمين لاءِ اماڻيل پنج ماڻهن واري پينل ۾ ڳڻيو ويندو. سرچ ڪميٽي جي ڪمن ۾ وائيس چانسلر لاءِ ڀرتي جي معيار جو تعين ڪرڻ، اهليت جي معيار جي روشني م درخواست جي جاچ پڙتال ۽ شارٽ لسٽ ڪرڻ، شارٽ لسٽ ڪيل اميدوارن جو انٽرويو ڪرڻ ۽ آخري چونڊ لاءِ وڏي وزير کي ٽي مناسب اميدوارن واري پينل جي سفارش ڪرڻ شامل آهي. ڪابينا بل جي منظوري ڏني ۽ اسيمبلي کي اماڻيو ويو. اجلاس ۾ قومي آئل پائيپ لائين سسٽم جي سيڪيورٽي ۽ حفاظت بابت صوبائي پاليسي بابت بحث ٿيو ۽ گهرو کاتو ڄاڻ ڏيندي ٻڌايو ته پارڪو 2000 ڪيمز آئل پائيپ لائين آپريٽ ڪندو آهي ۽ پارڪو ملڪ جو 1.75 ملين ٽن آئل ذخيرو پڻ ڪندي آهي. جنهن تي سنڌ ڪابينا قومي پيٽروليم لاجسٽڪ سسٽم جي تحفظ لاءِ پاليسي جي منظوري ڏني. پاليسي تحت پائيپ لائين 500 ميٽرن جي اندر رهائشي عوام جي سڃاڻپ پڻ رکي ويندي. علائقي جي رهواسين جي جوابداري هوندي جيڪڏهن ڪوبه نقصان ٿئي ٿو ته ترت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ڄاڻ ڏيندا. ان موقعي تي توانائي واري وزير امتياز شيخ ٻڌايو ته پائيپ لائين جي سيڪيورٽي لاءِ هڪ مڪمل منصوبو هجڻ گهرجي، پائيپ لائين جي حفاظت جو ذمو رڳو علائقي جي رهواسين جو ئي نه هجڻ گهرجي. ڪابينا توانائي واري وزير جي اڳواڻي ۾ ڪميٽي قائم ڪئي جيڪا سڀني اسٽيڪ هولڊرن کي گهرائي سيڪيورٽي پلان ترتيب ڏيندي. اجلاس ۾ هڪ ايجنڊي تي غور ويچار ٿيو ۽ بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪميونٽي اسڪولن ۾ بنيادي تعليم (BECS) ۽ انساني ترقي بابت قومي ڪميشن (NCHD) جا 4192 اسڪول آهن، سڀني اسڪولن ۾ 4425 استاد ۽ 236755 شاگرد آهن. سنڌ ڪابينا استادن جي پگهارن لاءِ 663.75 ملين رپين جي منظوري ڏني جڏهن ته ڪابينا فيصلو ڪيو ته سڀني استادن کي ماهوار 25 هزار پگهار ڏني ويندي. سنڌ ڪابينا يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس لاءِ 1200 انٽرنز ڀرتي ڪرڻ جي منظور ڏئي ڇڏي ، سمورا 318  انٽرن بوائز اينڊ گرلز هائر سيڪنڊري اسڪولن ۾ مقرر ڪيا ويندا. سنڌ ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته انٽرنز تيستائن تائين ڪم ڪندا رهندا جيستائين  سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن مان مضمونن جي ماهرن جي مقرري ٿي وڃي جڏهن ته فيصلو ڪيو ويو ته هر هڪ انٽرني کي 50 هزار ماهوار الائونس پڻ ڏنو ويندو. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته 240 فزڪس، 240 ڪيمسٽري، 120 رياضي، 120 بائيولوجي، 240 انگريزي، 60 پاڪسان اسٽڊيز، 60 اسلاميات، 60 سنڌي ۽ 60 اردو جا انٽرني ڀرتي ڪيا ويندا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *