سنڌ ڪابينا مالي سال 21-2020 جي بجيٽ تجويزن جي منظوري ڏئي ڇڏي، مجموعي ڪاٿو 12 کرب 40 ارب رُپيا لڳايو ويو

ڪراچي (م.ڊ) سنڌ ڪابينا مالي سال 21-2020 جي بجيٽ تجويزن جي منظوري ڏئي ڇڏي، بجيٽ جو مجموعي ڪاٿو 12 کرب 40 ارب رُپيا لڳايو ويو، هڪ کان 16 گريڊ تائين جي سرڪاري ملازمن جي 10 سيڪڙو پگهار وڌائڻ جي به منظوري ڏني وئي. سنڌ ڪابينا جي منظوري کانپوءِ سنڌ سرڪار مالي سال 21-2020 جي اٽڪل 12 کرب واري بجيٽ اڄ پيش ڪري رهي آهي، سالياني ترقياتي پروگرام لاءِ 58 ارب رُپين جي ڪٽوتي ڪري هڪ کرب 70 ارب رُپيا مخصوص ڪيا ويا. سنڌ ڪابينا هڪ کان 16 گريڊ تائين 10 سيڪڙو ۽ 17 گريڊ کان مٿي وارن ملازمن لاءِ 5 سيڪڙو پگهار ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي. سنڌ جي بجيٽ ۾ ترقياتي اسڪيمن ۾ ڪورونا کي منهن ڏيڻ واري ڪووِڊ ريسپانس پروگرام لاءِ 50 ارب رُپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. سالياني ترقياتي رٿائن واري پروگرام ۾ زراعت کاتي لاءِ 10 ارب 47 ڪروڙ، اوقاف کاتي لاءِ 99 ڪروڙ، بورڊ آف روينيو لاءِ 61 ڪروڙ 80 لک ۽ ڪميونٽي ڊولپمينٽ پروگرام لاءِ 36 ڪروڙ 70 لک رُپين جون رٿائون شامل آهن. سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ سياحت ۽ ثقافت کاتي لاءِ 83 ڪروڙ، تعليم کاتي جي اسڪول ۽ ڪاليج ايجوڪيشن سوڌو ٻين شعبن لاءِ 23 ارب 39 ڪروڙ رُپين جون ترقياتي رٿائون رکڻ جي تجويز ڏني وئي. سنڌ حڪومت سالياني ترقياتي پروگرام ۾ توانائي شعبي لاءِ 4 ارب 30 ڪروڙ ۽ ٻيلي کاتي کي 5 ڪروڙ روپيا ڏيڻ جو مختص ڪيو آهي. سنڌ سرڪار پاران گورنر سيڪريٽريٽ لاءِ 3 ڪروڙ، صحت لاءِ 28 ارب 89 ڪروڙ ۽ بپاشي کاتي لاءِ 17 ارب 92 ڪروڙ رُپين جون اسڪيمز به شامل ڪيون ويون آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *