سنڌ ڪابينا برسات دوران فوت ٿيلن جي پونيئرن کي هڪ- هڪ لک رُپين جو معاوضو ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي (م.ڊ) صوبائي وزيرن چيو آهي ته پي پي پي ملڪ ۾ جاري جمهوري جدوجهد ۾ پوئتي نه رهندي ، جمهوريت ۽ آئيني ادارن جي بالادستي لاءِ هر قدم کڻندي ۽ هن مقصد لاءِ سنڌ سرڪار ۽ سنڌ اسيمبلي کي ڇڏڻ لاءِ به تيار آهيون ، جڏهن به فيصلو ٿيو ، استعيفيٰ پارٽي قيادت ۽ اسپيڪر وٽ جمع ڪرائي ڇڏينداسين ۽ اسين ڊرامي واريون استعفائون  نه ڏينداسين .اهڙن خيالن جو اظهار صوبائي وزير اطلاعات ۽ بلديات ناصر حسين شاهه  ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب سنڌ ڪابينا جي اجلاس کان پوءِ سنڌ اسيمبلي جي ڪميٽي روم ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. سنڌ ڪابينا جي فيصلن بابت ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي سنڌ جي اطلاعات واري وزير سيد ناصر حسين شاهه ۽ سنڌ سرڪار جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو ته سنڌ ڪابينا صوبي ۾ برسات جي متاثرن جي مالي مدد لاءِ 4 ارب روپين جي منظوري ڏني آهي. وفاقي حڪومت کي به خط لکي مدد جي اپيل ڪئي آهي. وزير اعظم دوري جي دوران مدد جو واعدو ڪيو هو. سابق صدر آصف علي زرداري جي دور ۾ اسان 2010 جي ٻوڏ جي متاثرين کي ڀرپور مدد فراهم ڪئي هئي. هنن چيو ته فوتين جي وارثن کي هڪ لک روپيا ڏنا ويندا. ڪابينه گذريل 9 مهينن جي تجربن جي بنياد تي ڪورونا ٽيسٽ جو سلسلو جاري رکڻ ۽ وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ٽيسٽنگ ڪٽس پرڏيهه مان گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڪابينا جي اجلاس ۾ چيو ويو ته ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪس اسان جا فرنٽ لائن ورڪر آهن ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل عملي کي مالياتي پئڪيج ڏنو ويو آهي. گريڊ 1 کان 16 گريڊ تائين جي عملي کي 40 لک روپيا ۽ ڊاڪٽرن کي 80 لک روپيا سنڌ حڪومت پاران معاوضو ڏنو ويندو. ڪابينه اجلاس ۾ ڪراچي سرڪلر ريلوي معاملي تي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ سپريم ڪورٽ جي هدايت جي روشني ۾ جائزو ورتو ويو. وزير اطلاعات چيو ته وزيراعليٰ کي توهين عدالت جو ڪوبه نوٽيس نه مليو آهي ۽ جڏهن ته عدالت وزير اعليٰ سنڌ کان ڪي سي آر معاملي تي جواب طلبي  ڪئي آهي،. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سرڪلر ريلوي جو جزوي آپريشن 1984 ۾ روڪيو ويو ۽ 1999 ۾ مڪمل آپريشن بند ڪيو ويو.انهن ڏينهن ۾ پيپلز پارٽي جي ڪا حڪومت نه هئي ۽ بند ڪرڻ جو فيصلو ان وقت جي وفاقي ڪابينا ۽ حڪومتن ڪيو هو. سرڪلر ريلوي کي 1999 ۾ ان ڪري بند ڪيو ويو ڇاڪاڻ ته اها نقصان ۾ هلي رهي هئي. بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته اسان جي حڪومت جائيڪا سان 2012 ۾ ڪي سي آر کي جديد بڻائڻ لاءِ معاهدو ڪيو هو ، جڏهن ته عدالت ۾ ڪيس داخل ٿيڻ کان پوءِ ڪمپني پوئتي هٽي ويئي ۽ منصوبو تعطل ۾ هليو ويو. هن چيو ته جڏهن سيد مراد علي شاهه وڏي وزير جو عهدو سنڀاليو ، تڏهن هن شهر کي جديد سرڪلر ريلوي منصوبو ڏيڻ جو منصوبو ٺاهيو هو ، منصوبو اربين ڊالرن جو هو ، تنهن ڪري هن دوست ملڪ چين کي ان منصوبي کي سي پيڪ ۾ شامل ڪرڻ جي درخواست ڪئي. بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته سرڪيولر ريلوي جو معاملو جڏهن ايڪنڪ ڏانهن ويو، اتي تاخير جو شڪار ٿي ويو ، هن چيو ته  ريلوي وفاقي اسم آهي. هن چيو ته هاڻوڪي ۽ اڳوڻي وفاقي حڪومت ٻنهي هن منصوبي کي اهميت نه ڏني ، ايم ايل ون کي ٻنهي وفاقي حڪومتن کي ترجيح ڏني جنهن جي ڪري ڪي سي آر اڃا تائين عملدرآمد واري مرحلي ۾ نه پهچي سگهيو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي جي عوام لاءِ لاهور اورينج ٽرين جهڙو منصوبو چاهي ٿي. پر وفاقي حڪومت پاران ساورينٽ گارنٽي نه ملي. جڏهن چيف جسٽس گلزار احمد ڪي سي آر معاملي جو نوٽيس ورتو ته سنڌ حڪومت سوچيو ته هاڻي وفاقي سرڪار انهي کي اهميت ڏيندي ، پر بدقسمتي سان وفاقي حڪومت کي ان معاملي تي جيڪا سپورٽ ڏيڻ گهرجي ها اها نه ڏني وئي. ان ڪري عدالت ڪي سي آر کي پراڻي شڪل ۾ بحالي جو حڪم ڏنو ۽ ايف ڊبليو او کان انڊر پاس ٺهرائڻ جو حڪم ڏنو. بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته اسان جيڪو ڪم ڪيو پر بدقسمتي سان اهي معاملات عدالت جي اڳيان نه آيا.  وفاقي حڪومت جيڪا هن وقت ڪي سي آر بحال ڪئي آهي ان ۾ عوام ڪابه دلچسپي ورتي .اهو ئي سبب آهي ته اسان ڪي سي آر کي جديد طريقي سان بحال ڪرڻ جو سوچيو آهي .1984 وارو سرڪيولر ريلوي نظام ماڻهن جي ڪشش جي لاءِ هاڻي موزون ناهي ڪراچي جي عوام جو حق آهي ته انهن کي جديد ماس ٽرانزٽ جي سهولت ملي .بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته ميڊيا اسان جي دعويٰ جي حمايت ڪري رهي آهي ته شيخ رشيد پاران بحال ڪيل سرڪلر ريلوي عوام جي فائدي ۾ نه آهي. هن چيو ته اهو اسان جو حق آهي ته وفاق اسان جي ترجيحات کي اهميت ڏي سي پيڪ منصوبن تي سنڌ نه پر وفاقي حڪومت فيصلا ڪندي آهي ان ڪري وفاقي حڪومت کي درخواست ڪري سگهجي سنڌ جو وڏو وزير موجوده ۽ گذريل حڪومتن کي درجن کان وڌيڪ ان سلسلي ۾ خط لکي چڪو آهي، هن چيو ته ريلوي واري وزارت عدالت کي صحيح انگ اکر فراهم نه ڪري رهي آهي، جيڪڏهن وفاقي حڪومت فنڊز فراهم ڪندي ته ڪراچي ۾ بسون هلي سگهن ٿيون. هڪ سوال جي جواب ۾ بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته لاڪ ڊائون بابت ڪو به فيصلو اين سي او سي پاران ڪيو وڃي ٿو ، صوبائي حڪومت اين سي او سي جي فيصلن تي عملدرآمد ڪرائيندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *