سنڌ کي قومي مالياتي ايوارڊ اين ايف سي به پورو حصو نه پيو ڏنو وڃي: نثار کهڙو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير نثار احمد کهڙو چيو آهي ته 27 سالن کان پوءِ صوبائي خودمختياري ملي جڏهن ته صوبائي خودمختياري بابت عملدرآمد ڪميٽيءَ کي بهتر نموني سان ڪم ڪرڻ نه ڏنو ويو جنهن ڪري اڃان تائين صوبائي خودمختياري  مڪمل طور تي صوبن کي نه ملي سگهي آهي اهو ئي سبب آهي جو سنڌ کي قومي مالياتي ايوارڊ اين ايف سي به پورو حصو نه پيو ڏنو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سومر ڏينهن ڪراچيءَ جي مقامي هوٽل ۾ سي پي اين اي ۽ يو اين ڊي پي پاران 18هين ترميم بابت ڪرايل سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان معاشي طور تي ڪمزور وڪيٽ تي آهي ۽ ان جو اثر صوبن تي پڻ ٿي رهيو آهي.هن چيو ته ماضيءَ ۾ سول حڪومتن کي هڪ چارج شيٽ تحت گهت موڪليو ويندو هو پر 18هين ترميم کان پوءِ ان عمل جي رستا روڪ ڪئي وئي آهي. نثار کهڙو چيو ته عوام ۽ عوامي ليڊرن جمهوريت ۽ آئين لاءِ قربانيون ڏنيون پر اڄ ڌرڻا هڻندڙ جمهوريت ۽ آئين خلاف ڳالهائي رهيا آهن شايد انهن کي ٿرڊ امپاير جو انتظار آهي جيڪو عمل جمهوريت جي نفي آهي. هن چيو ته نئون پاڪستان ٺاهڻ جون ڳالهيون ڪندڙ جمهور(عوام) کي ٻڪريون چئي رهيا آهن جن لفظن جي مذمت ڪيون ٿا. هن چيو ته ٿر واسين سان محبت ڪيون ٿا ٿر واسين جو دارومدار مويشي تي آهي ۽ ٿر ۾ صحت جون  ويجهيون ۽ بهتر سهولتون هجڻ گهرجن جنهن سان بهتري ٿي سگهي ٿي ۽ هر وقت بهتريءَ جي گنجائش موجود آهي. هن چيو ته ميڊيا کي مانيٽرنگ جو حصو سمجهون ٿا ان ڪري ميڊيا ٻين جو احتساب ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجو به احتساب ڪري. هن چيو ته عدليه 4 مارشلائن کي تحفظ ڏئي صرف هڪ ڀيرو معافي ورتي جيڪو ڪافي آهي ان ڪري ان عمل تي روز عوام کان معافي ورتي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *