سنڌ ڌرتي ماءُ آهي, ڌرتي ماءُ کي ڪوئي ورهائي نٿو سگهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ ڌرتي ماءُ آهي ۽ هن ڌرتي ماءُ کي ڪوئي ورهائي نٿو سگهي اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻندڙ جماعتن سميت تمام پارليمينٽ ۽ پارليامينٽ کان باهر سياسي پارٽين کي هاڻي سياسي سمجهداري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي ڪراچي ۾ ٽارگيٽيڊ آپريشن ڪنهن به سياسي پارٽي جي خلاف نه آهي پر هي ڏوهارين جي خلاف آهي ۽ هن ۾ پوليس ۽ رينجرز کي مڪمل فري هينڊ مليل آهي اسان جي پوليس دنيا جي ڪنهن به پوليس کان گهٽ نه آهي ۽ ان جو واضح ثبوت زهره شاهد جا قاتل هڪ سال کان پوءِ به گرفتار ڪرڻ آهي جمعي تي سنڌ اسيمبلي اجلاس کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هو شرجيل انعام ميمڻ صحافين جي سوالن جا جواب ڏيئي رهيو هو ته ايم ڪيو ايم سان ڪامياب ڳالهين کان پوءِ شهر ۾ 9 هنڌن تي ڌرڻا ختم ڪيا ويا آهن هن چيو ته اسان ڳالهه ٻولهه ذريعي مسئلا حل ڪرڻ چاهيون ٿا ۽ انهي طريقي سان هن معاملي کي حل ڪيو آهي هن چيو ته ان ۾ ڪائي به ڳالهه آف دي رڪارڊ نه آهي پر سموريون ڳالهيون آن دي رڪارڊ آهن هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته ملڪ هن وقت وڏن چئلينجز کي منهن ڏيئي رهيو آهي گذريل ڏينهن به اسان جي بهادر پوليس آفيسر تي حملو ڪيو ويو هن چيو ته هاڻي اسلام آباد ڌرڻن سميت سمورين سياسي جماعتن کي سياسي سمجهداري جو مظاهرو ڪري ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته آپريشن جي حوالي سان لياري جي چونديل نمائندن کي به تحفظات آهن پر اسان ڪنهن به موقعي تي پوليس ۽ رينجرز کي ڪنهن قسم جي ڪائي ڊڪٽيشن ناهي ڏني. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ فورسز آزاد ۽ بااختيار هونديون آهن ۽ اسان جي پوليس ۽ رينجرز به مڪمل بااختيار آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير چيو ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گرفتاري تي احتجاج کي رات دير سان ڳالهين سان حل ڪيو ويو آهي ۽ اسان هميشه کان ڳالهين جي ذريعي مسئلن جي حل تي يقين رکون ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *