سنڌ ڌرتي جي وحدانيت تي وار ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو: خورشيد شاهه

سکر (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته سنڌ جي ورهاڱي جون ڳالهيون ڪندڙ اجائي بحث ڪندڙن مان آهن، ڌرتي جي وحدانيت تي وار ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، ڌرڻو ختم ٿيڻ بعد حڪمران وري پارليامينٽ کي نظرانداز ڪرڻ لڳا آهن.سکر پريس ڪلب ۾ تقريب کي خطاب ڪندي خورشيد شاهه چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پارليامينٽ آئين ٽوڙيندڙن خلاف متحد ٿي بيٺي.هن چيو ته اقتدار کي ويندي ڏسي حڪمرانن پارليامينٽ جو سهارو ورتو پر جيئن ئي ڌرڻو ختم ٿيو ته اهي پنهنجي پراڻي رستي تي هلڻ لڳا آهن.خورشيد شاهه چيو ته ڌرڻن وقت حڪمرانن کي پارليامينٽ سان ماءُ جهڙو پيار نظر ٿيآيو، جيڪو هاڻي ناهي رهيو.سندس چوڻ هو ته عمران خان خلاف پارليامينٽ ۾ ايندڙ ٺهراءُ کي به هن روڪيو ۽ اهو فيصلو درست ثابت ٿيو.خورشيد شاهه چيو ته پاڪستان فيڊريشن آهي، چئني يونٽن جو خيال رکي ان کي پوءِ هلائڻو پوندو.سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جو بحران هڪ سال ۾ حل ڪري سگهجي ٿو، ضرورت رڳو حڪمرانن جي سنجيده ٿيڻ جي آهي.خورشيد شاهه چيو ته ملڪ جي صحافين ۾ اتفاق ۽ اتحاد هجي ته ڪير به کين ويج بورڊ حاصل ڪرڻ کان روڪي نه ٿو سگهي.ان کان اڳ گمبٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته سنڌ جي ورهاڱي جون ڳالهيون ڪندڙ اجائي بحث ڪندڙن مان آهن.هن چيو ته سنڌ جي وحدانيت تي وار ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.خورشيد شاهه چيو ته ذوالفقار مرزا غير سياسي ماڻهو آهي ان بابت هو نه ڳالهائيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *