سنڌ پوليس ۾ ڪانسٽيبل جون 6 هزار کان وڌيڪ سيٽون خالي، ڀرتيون شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سندس حڪومت سنڌ پوليس کي جديد اوزارن، هٿيارن ۽ بهترين سکيا فراهم ڪئي آهي ۽ سموريون ڀرتيون نج ميرٽ تي ڪيون ويون آهن. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن موجب پوليس ۾ 310 نوان اسسٽنٽ سب انسپيڪٽرز (اي ايس آئي) جي تعيناتي پهرين مرحلي ۾ آهي جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ اقليتي ڪوٽي مان وڌيڪ اي ايس آئيز جي جلد مقرري ڪئي ويندي. هن چيو ته مونکي يقين آهي ته نوان تعينات ٿيندڙ اي ايس آئيز صوبي جي عوام جي ايمانداري ۽ محنت سان خدمت ڪندا ۽ پنهنجي 30 کان 35 سالن واري ڪيريئر ۾ ڪاميابيون حاصل ڪندا. اها ڳالهه هن خميس ڏهاڙي وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪوٺايل هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چئي. تقريب ۾ چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاهه، صوبائي وزير سعيد غني، وڏي وزير جا صلاحڪار نثار کهڙو، مرتضيٰ وهاب ۽ اعجاز جکراڻي، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري گهرو کاتو عثمان چاچڙ، ايڊيشنل آئي جي ڪراچي غلام نبي ميمڻ ۽ ٻين اعليٰ پوليس عملدارن شرڪت ڪئي. وڏي وزير نون شامل ٿيندڙ اي ايس آئيز کي واڌايون ڏيندي چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي بهترين پوليسنگ جي ضرورت آهي ۽ اوهان جي چونڊ نج ميرٽ تي ڪئي وئي آهي تنهن ڪري اوهان کي پنهنجين صلاحيتن ذريعي بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي. هن وڌيڪ چيو ته اوهان جو 30 کان 35 سال ڊگهو عرصو سروس ڪيريئر آهي ۽ اوهان منجهان ڪيترن ئي ڊي آئي جي ۽ ايڊيشنل آئي جي جي حيثيت حاصل ٿيندي. هن ايڊيشنل آئي جي ڪراچي کي هدايت ڪئي ته هو ايس پي يس سي جي چونڊيل اي ايس آئيز کي بهترين سکيا ڏين ته جيئن اهي پوليس جا سٺا آفيسر بڻجي سگهن. مراد علي شاهه انڪشاف ڪيو ته سنڌ پوليس ۾ پوليس ڪانسٽيبل جون 6000 کان وڌيڪ سيٽون خالي پيون آهن. هن پوليس کاتي کي پنهنجيون ڀرتيون شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وڏي وزير چيو ته سرڪاري ملازمت ۾ ڀرتي جو عمل گهڻو پيچيدا هو ته ڄاڻايل اي ايس آئيز کي 2016 ۾ ريڪوزيشن ڪئي وئي هئي جڏهن ته 2019 جي آخ ۾ انهن جي چونڊ جو اعلان ڪيو ويو ۽ فيبروري 2020 ۾ انهن کي آفر ليٽر ڏنا پيا وڃن. جيڪڏهن ان ڊگهي طريقيڪار کي آسان نه بڻايو ويو ته اميدوار پنهنجي سروس ۾ شامل ٿيڻ کانپوءِ جلد ئي ريٽائرمينٽ حاصل ڪري وٺندا. هن خوشگوار موڊ ۾ چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته هو سليڪشن واري عمل کي تيز ڪرڻ لاءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن (ايس پي ايس سي) کي تيار ڪري. ان موقعي تي چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاهه خطاب ڪندي چيو ته پوليس کاتي ۾ نوجوان نسل کي شامل ڪرڻ سان کاتي کي يقيني طور مضبوط ڪندو. هن نون چونڊيل اي ايس آئيز کي مشورو ڏنو ته اهي پنهنجين صلاحيتن کي ميدان ۾ ثابت ڪن ۽ عوام جي بي لوث خدمت ڪن. هن صوبي جي پوليس سروس ۾ شامل ڪيل نون اي ايس آئيز کي واڌايون پڻ ڏنيون. ايڊيشنل سيڪريٽري گهرو کاتو عثمان چاچڙ وڏي وزير کي خاطري ڪرائي ته ڀرتي جو طريقيڪار آسان بڻايو ويندو. هن پڻ نون شامل ٿيندڙ اي ايس آئيز کي واڌايون ڏنيون. ان موقعي تي ايڊيشنل آئي جي پوليس ڪراچي غلام نبي ميمڻ خطاب ڪندي چيو ته نون مقرر ڪيل اي ايس آئيز کي بهترين سکيا ڏني ويندي ته جيئن اهي پنهنجن صلاحيتن کي بهتر طريقي سان نڀائي سگهن. هن وڏي وزير کي خاطري ڪرائي ته هو انهن نون مقرر ڪيل اي ايس آئيز جي ميڊيڪل وٺڻ لاءِ معاون آفيسر اماڻيندو. واضح رهي ته 301 اي ايس آئي جن ۾ سي ٽي ڊي ڪراچي رينج ۾ 180 مرد ۽ 10 عورتون، هڪ اقليتي ۽ 6 عورتون سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن (ايس پي ايس سي) ذريعي چونڊيا ويا آهن. وڏي وزير 310 اي ايس آئي ۾ آفر ليٽر ورهايا ۽ پوءِ انهن سان گڏ ريفريشمينٽ ڪيو ۽ گڏوگڏ سيلفيون پڻ ڪڍرايون. هن نون شامل ٿيندڙ پوليس اهلڪارن سان گڏ ڳچ وقت گذاريو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *