سنڌ پوليس ۾ واڌو ڀرتين ۽ گهوٻين جو وڏي وزير نوٽيس ورتو، جاچ جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سنڌ پوليس تي سخت ناراضگي ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اينٽي ڪرپشن کاتي کي سنڌ پوليس ۾ غير قانوني ڀرتين، انويسٽيگيشن فنڊز جي غير منصفاڻي ورهاست ۽ ڪجهه پوليس آفيسرن جي مبينا سنگين ڏوهن ۾ ملوث هئڻ وارن معاملن جي جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. وزير اعليٰ هائوس مان جاري ٿيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته وزير اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه پوليس کاتي ۾ ضرورت کان وڌيڪ ڀرتيون ڪرڻ تي سخت ناراضگيءَ جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو آهي ته مون نوَ هزار ڀرتيون ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي جنهن لاءِ ضلعي سطح تي سليڪشن ڪميٽيون به جوڙيون ويون هيون پوءِ ان جي باوجود 9000 کان وڌيڪ ڀرتيون ڪهڙيءَ طرح ٿيون، مان اهڙي قسم جي رويي ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندس. وڏي وزير چيف سيڪريٽري سنڌ صديق ميمڻ کي سنڌ پوليس جي انڪوائري ڪرڻ لاءِ اينٽي ڪرپشن کاتي کي ٻن هفتن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن ٻڌايو ته مان اها جاچ لاءِ چيف منسٽر انسپيڪشن ٽيم کي به ڏني آهي جنهن جي رپورٽ جو انتظار آهي. هن چيف سيڪريٽريءَ کي هدايت ڏني ته انسپيڪشن ٽيم کي پنهنجي طريقي سان جاچ مڪمل ڪرڻ ڏيو ۽ به انٽي ڪرپشن کان به انڪوائري ڪرايو. پوليس ۾ انويسٽيگيشن لاءِ رکيل فنڊز جي غير منصفاڻي ورهاست ۽ ناجائز استعمال جي حوالي سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته مون انويسٽيگيشن جي خرچ لاءِ خصوصي فنّڊز جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي ته جيئن بهتر طريقي سان ڪيسن جي انڪوائري ٿي سگهي پر اهو ڇا ٿي رهيو آهي ۽ ڇو اهڙي سنجيده معاملن تي به اهڙي قسم جي لاپرواهي ۽ غيرذميوريءَ جو مظاهرو ڪيو پيو وڃي. هن چيف سيڪريٽري سنڌ صديق ميمڻ کي ان معاملي تي اينٽي ڪرپشن کان نه رڳو جاچ ڪرائڻ جي هدايت ڪئي بلڪه کين حڪم ڏنو ته غير ذميواري ۽ لاپرواهي ڪندڙ آفيسرن جي نشاندهي ڪئي وڃي ۽ مان اهڙن آفيسرن کي به معاف نه ڪندس. سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڪجهه پوليس آفيسرن جي شڪي ريڪارڊ جي حوالي سان رپورٽس جو سختيءَ سان نوٽيس وٺندي چيو ته پوليس آفيسرن جي ذميواري آهي ته هُو ماڻهن جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪن پر انهن جي ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث هئڻ انتهائي ڳڻتيءَ جوڳو آهي. هن پوليس کاتي کي هدايت ڪئي ته کاتي جي اهڙن آفيسرن کي فوري طور تي هٽايو وڃي. هن چيف سيڪريٽري سنڌ کي هدايت ڪئي ته سنگين ڏوهن ۾ ملوث پوليس آفيسرن خلاف اينٽي ڪرپشن کاتي کان جاچ ڪرائي وڃي ۽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪيل رپورٽ به مون کي پيش ڪئي وڃي ته جيئن ضروري قدم کنيا وڃن. هن چيف سيڪريٽري کي ان رپورٽ جو ذاتي طور تي جائزو وٺڻ ۽ کين سفارشون موڪلڻ جي به هدايت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *