سنڌ پوليس پاران 702 هنڌ حساس قرار، صوبائي حڪومت پاران وفاق ۽ فوج کان مدد طلب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ پوليس پاران محرم الحرام دوران 702 هنڌن کي حساس قرار ڏيڻ بعد صوبائي حڪومت امڪاني دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ وفاق ۽ فوج کان مدد طلب ڪري ورتي آهي. ڪراچي جَي پوليس هيڊڪوارٽر مان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته صوبي جي 702 هنڌن کي حساس قرار ڏنو ويو آهي. حساس قرار ڏنلن ۾ ڪراچي جا 393، حيدرآباد جا 150، سکر جا 125 ۽ لاڙڪاڻي جا 84 هنڌ شامل آهن، ٻئي طرف صوبائي حڪومت صورتحال کي نظر ۾ رکندي مدد لاءِ وفاقي سرڪار ۽ پاڪ فوج جي فائيو ڪور کي خط لکيو آهن. خط ۾ محرم الحرام دوران امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ سهڪار جي درخواست ڪئي وئي آهي. سنڌ سرڪار، خط ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته محرم الحرام دوران سڄي صوبي ۾ فوج کي مقرر ڪيو وڃي. خط ۾ درخواست ڪئي وئي آهي ته صوبائي راڄڌاني واري شهر ڪراچي ۾ آرميءَ جي 8 ڪمپني کي مقرر ڪيو وڃي. حيدرآباد ڊويزن ۾ 4 سئو فوجي اهلڪار ۽ سکر ڊويزن جي مختلف شهرن ۾ آرميءَ جون ٻه ڪمپنيون مقرر ڪرڻ جي به درخواست ڪئي وئي آهي. سنڌ سرڪار پنهنجي خط ۾ لاڙڪاڻي ڊويزن اندر پاڪ فوج جي 7 سئو آرمي جوانن جون خدمتون طلب ڪيون آهن. ميرپور خاص ڊويزن ۾ پاڪ فوج جي ٻن ڪمپنين کي محرم الحرام جي سڪيورٽي لاءِ طلب ڪيو ويو آهي. سنڌ حڪومت پاران وفاق ۽ پاڪ فوج کي لکيل خط ۾ شهيد بينظير آباد ڊويزن لاءِ آرميءَ جي ٻن پلٽونز کي مقرر ڪرڻ جي به درخواست ڪئي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *